Thursday, March 13, 2014

لياري جنگ جو ميدان، گهرن ۽ ٻارڙن تي بم حملا، عورتن، شاگردياڻين سميت 26 ڄڻا مارجي ويا


ڪراچي (رپورٽ : وقار شر + هاشم جانوري) لياري گينگ وار جي مک ڪردار غفار ذڪري جي ننڍي ڀاءُ شيراز ذڪري جي رينجرز هٿان مارجڻ واري واقعي کانپوءَ بعد لياري ٻري اٿيو، جهٽ پـَٽ مارڪيٽ، بزنجو چوڪ، علي محمد پاڙي، جمن شاهه جي پلاٽ ۽ فٽ بال گرائونڊ وارن علائقن ۾ ٻـِن گروپن پاران هڪٻئي مٿان فائرنگ، دستي بمن ۽ راڪيٽن سان حملا ڪيا ويا،  8 عورتن ۽ 3 ٻارڙن سميت 17 ڄڻا مارجي ويا ۽ 40 کان وڌيڪ زخمي ٿيا، پوليس9 ڏوهاري مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي،  علائقو جنگ جو ميدان بڻيل، عوام گهرن تائين محدود، سنڌ حڪومت، سيڪيورٽي ادارا بي وس بڻجي ويا، تفصيل موجب لياري هڪ دفعو وري جنگ جو ميدان بڻجي ويو،  پوليس ۽ ريسڪيو ذريعن موجب اربع جي صبح جهٽ پٽ مارڪيٽ ۽ گل محمد لين ۾ شروع ٿيل هٿياربند گروپن جي ويڙهه  ۾ دستي بمن سان حملا ڪيا ويا، حملن ۾ 8عورتن ۽ 3 ٻارڙن سميت 26 ڄڻا مارجي ويا جڏ هن ته 40 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن، مارجي ويلن ۾ شاهده، ، حرا بانو، فريده، آصفه، 22ورهين جو فهيم، عبدالستار، نبيلا، حسينه، ۽ ٻيا شامل آهن  ذريعن موجب ويڙهه د وران گهرن تي آوان راڪيٽ ڀر پاسي جي گهرن ۾ ڪريا جتي پڻ جاني نقصان ٿيو، پوليس جو چوڻ آهي ته گذريل رات گينگ وار جي ڏوهاري غفار ذڪري جي ڀاءُ شيراز ذڪري عرف فتح محمد ذڪري جي پوليس مقا بلي ۾ مارجي وڃڻ کانپوءِ اربع جي صبح کان ئي لياري ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي هئي، ڇڪتاڻ سبب علائقي واسي گهرن تائين محدود ٿي ويا، جڏ هن ته علائقي جو ڪاروبار مڪمل طور تي بند ٿي ويو، ٻن ڏوهاري گروپن ۾ جهيڙي دوران لياري جي مختلف علائقن ۾ دستي بمن ۽ آوان بمن جا 8 کان وڌيڪ ڌماڪا ٿيا، گل محمد لين ۾ 2، سنگولين ۾ 2 جڏ هن ته جهٽ پٽ مارڪيٽ ۾ 4 ڌماڪا ڪيا ويا، ڌماڪن ۾ زخمي ٿيندڙ ماڻهن ۽ لاشن کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي 8 عورتن سميت 26 ڄڻن جي مارجڻ جي تصديق ڪئي وئي زخمين مان 10 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. جنهن ڪري مارجي ويلن جي انگ ۾ اضافو ٿي سگهي ٿو، واقعن بعد سول اسپتال ۾ ايمرجنسي لڳائي وئي، ذريعن جو چوڻ آهي ته بم حملا ٻن گروپن طرفان ڪيا ويا آهن، واقعي کانپوءِ لياري جي اسڪولن مان ٻارن کي موڪل ڏني وئي، ٻئي پاسي لياري جي متا ثر ٿيندڙ علائقن مان رهواسين لڏ پلاڻ شروع ڪري ڇڏ ي آهي، جڏ هن ته پوليس جي وڏي نفري حالتن کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ علائقي ۾ پهچي وئي آهي، پوليس لياري ۾ ٿيندڙ حملن کي غفار ذڪري جي ننڍ ي ڀاءُ شيراز ذڪري جي قتل جو رد عمل قرار ڏنو آهي، پوليس ترجمان موجب لياري جي صورتحال جو ذميوار غفار ذڪري آهي، غفار ذڪري، شيراز ذڪري عرف فتح محمد جي مارجڻ جي رد عمل ۾ لياري جون حالتون خراب ڪيون آهن، پوليس جو چوڻ آهي ته هٿيار بند جهيڙي دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ مارجي ويلن ۾ عدنان، فرمان، نسيم عرف اپي، صدام عرف محمد عثمان شامل آهن حنيف جيڪي بابا لاڏلا  گروپ سان تعلق رکندڙ آهن، هوڏانهن علائقي ۾ جاري ڇڪتاڻ کانپوءِ هٿياربندن ڪلاڪوٽ ٿاڻي تي حملو پڻ ڪري ڏنو. لياري ۾ ويڙهه بعد رينجرز ۽ پوليس آپريشن شروع ڪري ڇڏيو ۽ 15 کان وڌيڪ بڪتربند گاڏين جي مدد سان لياري جي ڇڪتاڻ وارن علائقن ۾ سرچ آپريشن ڪيو پيو وڃي. آپريشن دوران رينجرز، عثمان آباد واريَ علائقي ۾ مان گينگ وار جي اهم ڪردار بابا لاڏلا گروپ سان تعلق رکندڙ بادل ۽ نصيب الله نالي ٻه هٿياربندن کي مقابلي ۾ مارڻ ۽ ياسر نالي گينگسٽر کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ايڊشنل آءِ جي شاهد حيات ٻڌايو ته عثمان آباد ۽ رانگيواڙا ۾ مقابلا ڪري 6 ڏوهاري ماريا ويا آهن، هن چيو مارجي ويل ڏوهارين جو تعلق بابالاڏلا گروپ سان آهي، ايس ايس پي لياري فيصل بشير چيو ته گل محمد لين ۾ آپريشن دوران ڏوهارين سان مقابلي ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا، جن جو تعلق بابا لاڏلا گروپ سان آهي،  رينجرز ترجمان موجب، جوابدارن جي قبضي مان 8 هينڊ گرنيڊ، 3 ايس ايم جيز، 10 ٽي ٽي پسٽل ۽ ٻيا هٿيار پڻ هٿ ڪيا ويا آهن. ٻئي طرف وڏي وزير سيد قائم علي شاهه، لياري جي صورتحال جو نوٽيس وٺندي ڊي جي رينجرز ۽ آءِ جــِي کي ڏوهاري سرگرمين ۾ ملوث ماڻهن خلاف سخت ڪارروائي جي هدايت ڪئي آهي. لياري ۾ گينگ وار سبب قيمتي حياتيون ضايع ٿيڻ تي وڏي وزير افسوس جو اظهار ڪندي لياري کي هر قيمت تي ڏوهارين کان پاڪ ڪرڻ جو به حڪم ڏنو، پوليس سول اسپتال مان گينگ وار جي زخمي ڪارندي کي گرفتار ڪري ورتو آهي، لياري ۾ صبح جو ٻار اسڪول وڃي رهيا هئا ته مٿن بمن سان حملا ۽ فائرنگ ڪئي وئي، جنهن سبب شاگرديانيون به مارجي ويون، فائرنگ ۽ حملن خلاف علائقي واسين سخت احتجاج ڪيو ۽ ليمارڪيٽ ۽ ٻين ڪاروباري مرڪزن کي بند ڪرايو ويو ۽ روڊ بلاڪ رهيا، رهواسين ڪراچي پريس ڪلب آڏو به احتجاجي مظاهرو ڪيو، رات دير تائين ڇڪتاڻ برقرار هئي ۽ وڌيڪ جاني نقصان جو خطرو آهي، ذريعن موجب بابا لاڏلا گروپ جي ماڻهن عزيز بلوچ گروپ جي قبضي وارن علائقن تي قبضو ڪرڻ لاءِ حملو ڪيو.
ڪراچي: مارجي ويل عورتن جا لاش روڊ تي پيل آهن ٻئي طرف وارث عورتون ماتم ڪندي روئي رهيون آهن


لياري ۾ مارجي ويلن جي خاندانن لاءِ 5-5 لک مدد جو اعلان

ڪراچي ( رپورٽر ) سنڌ حڪومت پاران لياري گذريل ڏينهن ٻن ڏوهاري ڌرين جي حملن ۾ مارجي ويل 18 ڄڻن جي وارثن کي 5-5 لک رپيا ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي، اهڙو اعلان ڪالهه پريس ڪلب ۾ صوبائي وزير جاويد ناگوري ۽ عبدالقادر پٽيل پريس ڪانفرنس ڪندي  ڪيو، هن چيو ته لياري ۾ مارجي ويلن جي وارثن سان سنڌ حڪومت دلي ڏک جو اظهار ڪري ٿي، جڏهن ته مارجي ويلن جي وارثن کي 5 لک رپيا جڏهن ته زخمين کي 2-2 لک رپيا ادا ڪيا ويندا.

لياري ۾ گينگ وار خلاف ڪلاڪوٽ واسين جو احتجاج

ڪراچي( رپورٽر) لياري ۾ بم ڌماڪن ۽ گينگ وار خلاف ڪلاڪوٽ واري علائقي جي رهواسين هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو.رهواسين چيو ته لياري ۾ هر روز بي گناهه شهرين جو رت وهايو پيو وڃي پر حڪمران تماشائي وارو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هنن چيو ته جهٽ پٽ واري علائقي ۾ رتوڇاڻ واري واقعي ۾ ڪنهن جو هٿ آهي ان بابت صوبائي سرڪار کي سڀ خبر آهي پر ان باوجود جوابدارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ نه ٿو آندو وڃي. هنن چيو ته گينگ وار سبب پاڻ کي غيرمحفوظ سمجهي رهيا آهيون، ڪاروبار ۽ ٻارن جي تعليم تباهه ٿي رهيو آهي، دهشتگرد سرعام ماڻهو ماري آساني سان فرار ٿي وڃن ٿا پر پوليس وارا ٿاڻن تائين محدود بڻيل آهي.هنن مطالبو ڪيو ته لياري ۾ امن ڪرائي دهشتگردن کي سخت سزا ڏني وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو جاري رهندو.

No comments:

Post a Comment