Saturday, March 8, 2014

سماج سڌارڪ عورتن جي ”ڪارين جي قبرستان“ تي حاضري، گلن جي ورکا، محبت تي قتل ڪيلن کي سلام

شهدادڪوٽ: انيس هارون، عطيه دائود ۽ ٻيون ڪاريون قرار ڏئي قتل ڪيل عورتن جي قبرن تي حاضري ڀري رهيو آهن
شهدادڪوٽ (عوامي آواز نيوز) شهدادڪوٽ ۾ پرڀات وومين ڊولپمينٽ سوسائٽي جي ميزباني هيٺ سٽيزن ڪلب ۾ ”عورت خودمختيار ڪنوينشن“ ۾ سنڌ-بلوچستان کان آيل ٻهراڙي جي سوين عورتن جي هڪ وڏي اجتماع کي خطاب ڪندي سنڌ جي نامياري سماج سڌارڪ عورتن انيس هارون، ڊاڪٽر عرفانه ملاح، روزينه جوڻيجو، عطيه دائود، حسين مسرت، نازنين بروهي، روبينه بروهي، رويبنه چانڊيو، رخسانه پريت چنڙ، ريحانه چنڙ، ڪوثر انيس خان، شيرين کوکر، جميلا سيلرو، وهاب پندراڻي، غفار پندراڻي ۽ ٻين چيو ته عورت جدوجهد جو نالو آهي، جيڪا جنم وٺڻ کان مرڻ تائين مزاحمتن سان منهن ڏيئي رهي آهي، جڏهن ته عورت جي تخليق سان ڪائنات وجود ۾ آئي، پر افسوس اڄ عورت انتهائي سخت تڪيلفن واري زندگي گذاري رهي آهي، جنهن جو وڏو سبب عورتن ۾ تعليم جو نه هئڻ آهي. هنن چيو ته عورت کي اهو مقام ڪو نه ڏنو ويو آهي، جنهن جي هو حقدار آهي. هنن چيو ته غيرت جي نالي ۾ عورتن جو قتلام پيو ٿئي، پر قانون تي عمل نه هئڻ ڪري قاتلن کي سزا نه پئي ملي. قانون جي بالادستي قائم ڪرڻ لاءِ عورتن کي آواز اٿارڻو پوندو ته جيئن غيرت جي آڙ ۾ بي گناهه قتل ڪيل ناري جي خون سان انصاف ٿئي، جڏهن ته ڪنوينشن ۾ عورتن جي حقن لاءِ قراردادون منظور ڪيون ويون، جن ۾ مطالبا ڪيا ويا ته عدالتن ۾ وڌيڪ عورتن کي جج مقرر ڪيو وڃي. انتهاپسندي جو خاتمو آندو وڃي. رتيديري ۾ واقع ڪارين جي قبرستان جو نالو تبديل ڪري ان جو نالو عورتن جو مزاحمتي آرامگاهه رکيو وڃي. جرڳن تي پابندي هنئي وڃي. عورتن جو وڪرو بند ڪيو وڃي. ڪنوينشن ۾ محبت جي نالي تي قتل ڪيل عورتن جي تصويرن آڏو سوين عورتن ميڻ بتيون ٻاري ڀيٽا ڏني، جڏهن ته ان کان اڳ ۾ رتوديرو ۾ ڪارين جي قبرستان تي وڃي محبت جي ناءُ تي قتل ڪيل عورتن جي قبرن تي ڏيئا ٻاري مٿن گلن جي ورکا ڪئي ۽ عورتن کي سلام ڪيو ويو.

No comments:

Post a Comment