Saturday, March 8, 2014

ڏڪار سٽيل ٿر ۾ وڌيڪ 5 ٻار فوت، ڪيترائي اسپتال داخل، امدادي ٽيمون ٻهراڙين ۾ نه پهتيون

حيدرآباد: ٿرپارڪر جو خوراڪ جي کوٽ جو شڪار معصوم ٻارڙو اسپتال داخل آهي
مٺي/اسلام ڪوٽ/ڇاڇرو/ڏيپلو/نئون ڪوٽ (عوامي آواز نيوز) ڏڪار سٽيل ٿر ۾ وڌيڪ 5 ٻارڙا فوت ٿي ويا، جڏهن ته مختلف اسپتالن ۾ 50 کان وڌيڪ ٻارڙا اسپتالن ڀيڙا ٿي ويا آهن، ٻهراڙين ۾ امدادي سرگرميون اڃا شروع نه ٿي سگهيون آهن. مٺي اسپتال مان حيدرآباد اماڻيل نئون ڪوٽ واسي 9 سالن جي لڇمي ڌيءُ سکيو ڪولهي رستي ۾ فوت ٿي وئي، هوڏانهن علائقيجا وڌيڪ ٻارڙا اسپتالن ۾ داخل ڪيا ويا آهن.اسلام ڪوٽ ۽ آسپاس به ڪيترائي ٻارڙا بيمار ٿي پيا آهن، گذريل ڏينهن اسلام ڪوٽ شهر جي مختلف پرائيويٽ اسپتالن ۾ 15 کان مٿي معصوم ٻارڙا، نمونيا، بخار ۽ ٻين بيمارين سبب داخل ٿيا آهن، جڏهن ته هڪ معصوم ٻارڙن نانجو ڌيءُ پرتاب ڪولهي فوت ٿي ويئي آهي ۽ داخل ٿيل ٻارڙن ۾ چاهت، اعجاز بجير، حضوران، بادل، سنيلا، جلال، شهديو، رتن، دانش، ڏيون سميت ٻيا شامل آهن، جن جو پرائيويٽ اسپتالن ۾ علاج هلندڙ آهي، ڊاڪٽرن موجب نمونيا ۽ غذائي کوٽ سبب معصوم ٻارڙا بيمارين جو شڪار ٿين ٿا، اڪثر ٻارڙن جو علاج ڪري بچايون ٿا. روزانو 50 کان مٿي پرائيويٽ اسپتالن ۾ ٻار داخل ٿين ٿا، جيڪي علاج بعد صحتياب ٿين ٿا. ڇاڇري ۾ غذائي کوٽ سبب وڌيڪ ٽي ٻارڙا فوت ٿي ويا آھن ،ڳوٺ صوڀي جي تڙ ۾ ٽي سالن جو امين پُٽ اسلم راھمون ۽ ڇاڇري ۾ ٽي مهينن جي آسيه ڌي عطاالله نھڙي ۽ ڳوٺ سڍاڙي ۾ غني پُٽ ھاشم سميجو فوت ٿي ويا آھن جڏھن ته ، بسما، اشرف،شبانه، امجد، پُٽ عبدالرئوف ،صديق پُٽ مدد علي، امرت پُٽ ڏيچند، زاسمان ڌي منٺار ۽آسيه ڌي جلال سميت 12 کان وڌيڪ ٻارڙا تعلقه اسپتال ڇاڇرو ۾ داخل ڪرايا ويا آھن جنھن جو علاج ھلندڙ آھي پر ڇاڇرو تعلقه اسپتال ۾ ڊاڪٽرن جي سخت کوٽ آھي جنھن سبب مشڪلاتون آھن جڏھن ته ڇاڇرو تعلقه اسپتال ۾ ٻارڙن جو اسپيلشٽ ڊاڪٽر نه ھئڻ ڪري اڪثرنمونيا ۽ ٻين غذائي کوٽ سبب ٿيندڙ بيمارين ۾ ورتل ٻارڙن کي عمرڪوٽ يا ميرپورخاص ريفر ڪيو وڃي ٿو. ٿرپارڪر ضلعي ۾ گهربل برساتون نه پوڻ ڪري ڏڪاري حالتن جي ڪر کڻڻ بعد ابهم ٻارڙن ۽ چوپائي مال جي بيمارين وگهي مرڻ کانپوءِ ڪراچي جي اي سي بنگلن ۾ ويٺل وزير ۽ مشيرن کي ٿر جي ڀڙڀانگ ڀٽن ۾ ڀٽڪڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي .ڪالهه ، صوبائي صلاحڪار شرميلا فاروقي ، سنڌ ڪابينا جي وزير روبينه قائم خاني ، پ پ اڳواڻ تاج حيدر، صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ، سينيٽر عاجز ڌامراهه ٿر پارڪر جي دوري تي مٺي ، اسلام ڪوٽ ،۽ ڏيپلو پهچي اسپتالن ۾ داخل ٿيل ٻارن جي عيادت ڪئي ۽ پاڻ سان گڏ آندل امدادي سامان جي ورهاست پڻ ڪئي جڏهن ته مختلف سياسي تنظيمن متحده قومي مومينٽ جو ايم پي اي ظفر ڪمالي جي اڳواڻي ۾ اسلام ڪوٽ واري موڙ تي رليف واري ڪئمپ قائم ڪري امدادي سامان تقسيم ڪيو پيو وڃي جڏهن ته جمعيت الدعوت اسلام پاران ڪشمير چوڪ مٺي وٽ فري ميڊيڪل ڪئمپ قائم ڪئي وئي آهي ۽ ساڳي چوڪ تي رينجرس پاران پڻ ايمرجنسي ڪئمپ قائم ڪئي وئي آهي ۽ پي پي ايڇ آءِ پاران پڻ ميڊيڪل ڪئمپ لڳائي وئي آهي جڏهن ته پاڪ آرمي جي حيدرآباد جي ايس ليفٽينٽ انعام 3 ڊاڪٽر تي مشتمل ٽيم ۽ دوائون کڻي مٺي اسپتال ۾ پنهنجي ڪئمپ قائم ڪري ورتي آهي ۽ مختلف علائقن جو دورو ڪري امدادي سامان پڻ تقسيم ڪيو ويوآهي .جڏهن ته ڏڪار واري صورتحال برقرار هجڻ ڪري ماروئڙن جون مشڪلاتون دور ٿي نه سگهيو آهن ۽ مختلف ڌرين پاران لڳل امدادي ڪاروايون صرف شهرن تائين محدود آهن اڃا تائين ٿر جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ امدادي ڪاروايون شروع ٿي نه سگهيون آهن جڏهن ٿر جي مختلف اسپتالن ۾ ڪيترن ئي بيمارن ٻارن کي داخل ڪيو ويو آهي ۽ ٻهراڙي جي 23 سئو کان وڌيڪ ڳوٺن جا لکين ڏڪار متاثر ماروئڙا اڃا تائين امداد جا منتظر آهن ۽ ٻهراڙي جي ڳوٺن ۾ اڃا تائين امدادي ڪاروايون شروع نه ٿي سگھيون آهن .جڏهن ته چند ڳوٺن ۾ امدادي ڪڻڪ پهچائي پڻ ويئي آهي پر ان جي اڃا تائين ورهاست نه ٿي سگھي آهي . پ پ اڳواڻ تاج حيدر درٻار هال مٺي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته ٿر ۾ صحت ۽ لائيو اسٽاڪ ۽ خوراڪ جو مسئلو آهي ، ٿر کي آڪٽومبر ۾ ڏڪار سٽيل علائقو قرار ڏئي امدادي ڪڻڪ جو 60 هزار ٻوريون ٿر جي مختلف تعلقن جي گدامن ۾ پيل هيون پر انهن کي تقسيم ڪرڻ ۾ دير ٿي جنهن سبب اها صورتحال پيدا ٿي آهي آئون سنڌ جي وڏي وزير جي حڪم تي هتي آيو آهيان ۽ ڪنٽرول روم قائم ڪيو آهي روز 3 وڳي صحافين کي سڄي ڏينهن جي صورتحال تي بريفنگ ڏني ويندي . اسان اڄ صورتحال جو جائزو وٺي 8 موبائيل ٽيمون جوڙيون آهن .هتي ڊاڪٽرن جي کوٽ آهي سينيئر ماڻهو نه هئڻ جي برابر آهن هيلٿ سيڪريٽري ڊاڪٽرن جي ٽيم وٺِي اچي رهيوآهي ، ماهر ڊاڪٽر اديب رضوي 10 ڊاڪٽرن اسانکي ڏنا آهن جيڪي به اڄ اچي ويندا ، انهن کي موبائيل ٽيمن ذريعي ٿر جي هر تعلقي ۾ موڪليو ويندو .ٿر جي 11 لک جانورن مان 5 لک جانورن کي ويڪسين ٿي ويندي ، ويڪسين جي سپلائي ۾ دير ٿي آهي جمع تائين 5 لک وڏيڪ ويڪسين اچي ويندي .ٿر ۾ ڪڻڪ ۽ چارو مفت ۾ فراهم ڪيو ويندو ۽ ٻيون غذائي شيون اڄ تائين اچي وينديون سڀاڻي کان باقاعدي ورهاست وارو عمل شروع ڪيو ويندو يوسي ليول تي ڪاميٽيون ٺاهيون جنهن ۾ پي پي جا ڪارڪن روينيو عملدار ۽ هڪ ٿرديپ جو نمائيندو هوندو ، شناختي ڪارڊ وٺڻ وارو عمل شروع ٿي چڪو لسٽون ٺاهي ٿر ماڻهن جي گهرن تائين ڪڻڪ پهچائينداسين .

No comments:

Post a Comment