Saturday, March 22, 2014

سنڌ ۾ ٻئي ڏينهن به سوڳ ، اڄ شهيدن جا لاش کڻي فريڊم مارچ، قتل ڪيس رياست خلاف داخل ڪرائبو: جسقم

ملير (رپورٽ: جميل چانڊيو) جيئي سنڌ قومي محاذ اڳواڻن جو قتل ڪيس رياست خلاف داخل ڪرائڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته اڄ هر صورت ۾ تبت سينٽر وٽ آزادي مارچ ٿيندو ۽ شهيدن جي جنازي نماز به ادا ڪئي ويندي جسقم چيئرمين صنعان قريشي، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، امجد مهيسر گلشن حديد ۾ شهيد بشير خان قريشي جي رهائشگاهه تي شهيد مقصود قريشي جي وڇايل تڏي تي هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته هر صورت ۾ مارچ ٿيندو. ڪيهر انصاري، عبدالله سومرو، مومن سمون، ساگر حنيف بڙدي، آصف بالادي، منير حيدر شاهه، الاهي بخش بڪڪ ۽ ٻيا پڻ موجود هئا، پريس ڪانفرنس ڪندي صنعان قريشي چيو ته اسان سان وڏو ظلم ٿيو آهي، ۽ ان ظلم ۽ جبر شهادتن باوجود اسان جا حوصلا بلند آهن ۽ بلند رهندا. هن چيو ته رياست منهنجي بابا بشير خان قريشي کي شهيد ڪرڻ کانپوءِ منهنجي چاچو مقصود قريشي ۽ سلمان وڌيو کي بيدردي سان گوليون هڻي شهيد ڪرڻ بعد لاشن کي باهه ڏئي ساڙيو، آزادي مارچ کي ناڪام ڪرڻ ۽ روڪڻ لاءِ اسان تي مسلسل دٻاءُ هيو ته 23 مارچ جو فريڊم مارچ تبت سينٽر تي نه ڪيو وڃي، پر اسان اهو واضح ڪيون ٿا ته فريڊم مارچ اڄ هر صورت ۾ تبت سينٽر تي ئي ٿيندو، ان کي دنيا جي ڪا به طاقت روڪي نه ٿي سگهي، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته وڏي عرصي کان وٺي قومي تحريڪ خلاف ايجنسيون ڪاروايون ڪري رهيون آهن، اسان جي قومي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي اغوا ڪري ماريو ۽ ساڙيو پيو وڃي ۽ گم ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي، پنهنجي دوستن جا سڙيل لاش ڪلهن تي کڻون ٿا، انهي باوجود سنڌ جي قومي تحريڪ اڄ تائين ڪنهن به رياستي اهلڪار کي ڪا به رهنڊ ناهي ڏني، پر رياست ان باوجود اسان جي پر امن سنڌ جي تحريڪ کي تشدد ذريعي روڪڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، هن چيو ته اسان مڪمل طور تي پر امن آهيون ۽ پر امن رهنداسين، هن چيو ته طالبان هڪ ئي ڌڪ ۾ 30 کان 50 ماڻهو قتل ڪن ٿا ته انهن خلاف ڪا به ڪاروائي نه ٿي ٿئي. هن چيو ته 23 مارچ واري فريڊم مارچ کي روڪڻ لاءِ اسان کي مختلف سرڪاري نمبرن تان قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون مسلسل ملي رهيون آهن، ان جي باوجود به اسان سنڌ جي آجپي لاءِ مڪمل طور تي پر امن طريقي سان اڄ منجهند 12 وڳي گلشن حديد کان پنهنجي شهيد دوستن جا لاش کڻي فريڊم مارچ واري جڳهه تبت سينٽر تي ضرور پهچنداسين، هن چيو ته انتظاميه ڪمشنر ڪراچي، ڊي آءِ جي اوڀر ۽ ٻيا ماڻهو اسان ڏانهن موڪلي تبت سينٽر واري فريڊم مارچ جي جڳهه تبديل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي پر اسان هر صورت ۾ تبت سينٽر تي فريڊم مارچ ڪنداسين، ان لاءِ اهو انتظاميه جو مسئلو آهي ته هو اسان کي تبت سينٽر پهچڻ تائين ڪهڙو روٽ پيا ڏين. هن چيو ته مقصود خان قريشي ساڍي نائين وڳي ميهڙ ۾ ظفر جتوئي وٽ چانهه پيئڻ بعد جيئن ميهڙ کان ٻاهر نڪتو ته ايجنسين هن کي اغوا ڪري 2 ڪلاڪن جي ڊرائيونگ ڪرڻ بعد ڀريا روڊ تي کين گوليون هڻي شهيد ڪرڻ بعد گاڏيءَ کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو، اهو ان ڪري ڪيو ويو ته جيئن اسان جي قيادت تي نفسياتي حملو ڪيو وڃي، پر اسان سنڌ جي آزادي لاءِ سرن سان ڪفن ٻڌي نڪتل آهيون، هن چيو ته ايم ڪيو ايم، جسقم آريسر، جلال شاهه سميت سمورين ڌرين جا ٿورائتا آهيون جن فريڊم مارچ جي حمايت ڪئي آهي. هن چيو ته هي رياست اسان کي سڙيل لاش ڏنا آهن، اسان اڄ تبت سينٽر تي گڏ ٿي عالمي دنيا، مهذب ملڪن کي اهو ڏيکارينداسين ته هيءَ رياست نه مسلمان آهي نه ئي هي انساني آهي، اسان سنڌي قوم کي اپيل ڪريون ٿا ته اڄ وطن جو ٻچو ٻچو ڪراچي جي تبت سينٽر تي پهچي پنهنجي آزادي جو آواز دنيا تائين پهچائين. هن چيو ته انتظاميه اهو جواز ڄاڻائي پئي ته هتي محمد علي جناح جي مزار ۽ تبت سينٽر ڀرسان مختلف پارٽين جا جلسا آهن ان ڪري فريڊم مارچ جي جڳهه تبديل ڪئي وڃي، پر اسان واضح ڪيون ٿا ته اڄوڪو فريڊم مارچ سنڌ جي آزادي جو فريدم مارچ آهي، اهو هر صورت ۾ ٿيندو. هوڏانهن مختلف شهرن مان قافلا پهچڻ شروع ٿي ويا آهن.

ڪراچي/سکر (نمائندا) جسقم اڳواڻ مقصود قريشي ۽ سلمان وڌو کي قتل ڪري ساڙڻ خلاف ٻئي ڏينهن به سنڌ ۾ هڙتال رهي. جڏهن ته وڪيلن سپريم ڪورٽ کان پاڻ مرادو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي، جيڪب آباد ۾ ڊسٽرڪٽ بار جيڪب آباد پاران مقصود قريشي ۽ سلمان وڌو جي افسوس ناڪ قتل جو سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کي پاڻ مرادو نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪري ڇڏي آهي ان سلسلي ۾ ڪالهه ڊسٽرڪٽ بار جيڪب آباد جي هڪ هنگامي گڏجاڻي بار جي صدر مير احمد نواز پيچوهو جي صدارت هيٺ ٿي گذري جنهن ۾ جنرل سيڪريٽري عبدالجبار لاشاري سميت وڪيلن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي انهي موقعي تي وڪيلن عدالتي ڪارروائن جو مڪمل طور بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو جڏهن ته اڳواڻن جسقم جي اڳواڻ مقصود احمد قريشي ۽ سلمان وڌو جي افسوس ناڪ قتل جي مذمت ڪندي سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کي اپيل ڪئي ته اهڙي لنڱ ڪانڊاريندڙ واقعي جو پاڻ مرادو نوٽيس وٺي، ڪنڌ ڪوٽ ۾ جسقم جساف پاران سٽي پارڪ کان والي ڏنو سبزوئي،  اصغر سهرياڻي، محمد اڪرم باجڪاڻي، غلام عباس ، صدام گولو، فضل سبزوئي، ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب تائين مظاهرو ڪيو ويو  جنهن بعد جسقم جساف جي ڪارڪنن جا قافلا گاڏين ۾ سوار ٿي ڪراچي ۾ فريڊم مارچ ۾ شرڪت لا روانه ٿي ويا، جسقم جي ڪارڪنن جسقم جي ضلعي اڳواڻ ستار مزاري ، حبيب الله ٿهيم،حضرت الله مزاري ۽ عزيز ٿهيم جي اڳواڻي م ڪارڪنن احتجاجي ريلي ڪڍي گڊو روڊ تي ڌرڻو هنيو جنهن سبب صادق آباد ،سکر رحيم يارخان ،راجن پور رجهان سميت ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي قاتلن جي گرفتاري لاءِ سخت نعري بازي ڪئي. ٻئي ڏينهن به مدئجي ۽ آس پاس ۾ جسقم اڳواڻ سراپا احتجاج بڻيل رهيا، انهيءَ سلسلي ۾ جسقم ڪارڪنن پاران ارشد جوکيو، رابيل عباسي، شفقت گهمرو ۽ منصور کوکر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن احتجاجي مظاهرو ڪرڻ بعد پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو. ٻئي طرف جسقم جي اڳواڻن ارشد جوکيو ۽ منصور کوکر جي اڳواڻي ۾ فريڊم مارچ ۾ شرڪت لاءِ قافلا مدئجي کان ڪراچيءَ لاءِ روانا ٿي ويا. جسقم اڳواڻ مقصود قريشي ۽ سلمان وڌو کي شهيد ڪرڻ واري واقعي خلاف قبو سعيد خان ۾ ٻئي ڏينهن جسقم ڪارڪنن پاران احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، واهي  پانڌي ۾ جسقم بشير خان قريشي ، جسقم آريسر گروپ  ، جسمم ۽پيپلز پارٽي (ش ڀ) پاران اختر حسين  جمالي،  امين جمالي، گل فقير رستماڻي،  لال بخش لاشاري، وقار مستوئي ۽ علي شير برهماڻي جي اڳواڻي ۾  ٽائر ساڙي شهر جي مخلتف چوراهن تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻا هنيا ويا ، جڏهن ته ڪاڇي جي شهر ٽنڊو رحيم خان ، ڇني ۽ ٻين ننڍن وڏن شهرن ۾ به ڪاروبار بند رهيو. ڀريا روڊ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ سوڳ وارو ماحول برقرار رهيو، ڪارڪنن ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاج جاري رکيو، ڪيترن ئي ڪارڪنن کي پڻ بيهوشي جا دورا پوندا رهيا ۽ سڏڪون ڏيئي روئيندا رهيا، مظهر شاهه، پرويز ڪيريو، فاروق لاکو ۽ مظفر اڄڻ جي اڳواڻي ۾ جسقم اڳواڻ مقصود قريشي ۽ سلمان وڌو جي جنازي نماز ۽ آزادي مارچ ۾ تبت سينٽر ڪراچي ۾ شرڪت لاءِ سوين ڪارڪنن جي جاڳرتا ريلي ڪڍي. ڪوٽڙي شهر سميت ڀرپاسي وارن علائقن ۾ جسقم اڳواڻن شهيد مقصود قريشي ۽ سلمان وڌو جي شهادت تي ڏک ۽ مڪمل شٽر بند هڙتال رهي. متحده قومي موومينٽ پاران سوڳ ۾ ڪارا جهنڊا هنيا ويا. جسقم جي سڏ تي هالا پراڻا شهر ۾ تاريخي هڙتال ڪئي ويئي. ڪاروبار صبح کان ئي مڪمل طور بند رهيو. جڏهن ته جسقم ضلعي مٽياريءَ جي اڳواڻ نديم مهدي، عمران سنائي، ڪامريڊ ڪامل ميمڻ جي اڳواڻيءَ ۾ ڪارڪنن ريلي ڪڍي. ماتلي ۾ ٻئي ڏينهن به جسقم، جسمم ۽ جيئي سنڌ تحريڪ طرفان مقصود قريشي جي قتل خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي بدين حيدرآباد روڊ تي ڌرڻو هنيو. ٻئي ڏينهن تي به جسقم اڳواڻ مقصود قريشي سندس ساٿي سلمان وڌو جي سوڳ ۾ ڦلجي اسٽيشن شهر مڪمل بند رهيو، جسقم جي ڪارڪنن پاران لالا ظهير سومرو، علي رضا سولنگي، رمضان پنهور جي اڳواڻي ۾ جسقم جي ڪارڪنن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.جسقم جو مرڪزي اڳواڻ شهيد مقصود قريشي، شهيد سلمان وڌو جو تڏو جسقم ۽ جساف خيرپور ناٿن شاهه طرفان پريس ڪل اڳيان وڇايو ويو، جتي ضلعي اڳواڻ علي حسن گاڏهي جساف ضلعي صدر مهتاب ڪلهوڙو، سيد زاهد شاهه، جسم اڳواڻ منصور گاڏهي، جسقم آريسر اڳواڻ ستار گاڏهي، ايس ٽي پي اڳواڻ فقير علي حسن جانوري سميت وڏي انگ ۾ ڪارڪنن ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي سخت احتجاج ڪرڻ بعد پريس ڪلب اڳيان تڏو وڇايو.ميرو خان شهر ٻي ڏينهن به بند رهيو، جڏهن ته جسقم اڳواڻن لياقت سنڌي، خان محمد جتوئي، رضوان تونيو، زبير تونيو ۽ ڪارڪنن پاران شهر جي اهم عرضي ڀٽو چوڪ تي ڌرڻو هڻي تڏو وڇايو.  جيئي سنڌ موومينٽ جي ڪارڪنن مرڪزي صدر ڪامريڊ انور کوکر ميهڙ جي صدر عبدالرشيد چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو، مظاهرين انڊس هاءِ وي باءِ پاس روڊ تي ڌرڻو هنيو، ڌرڻو ختم ڪرائڻ جي ڪوشش تي پوليس ۽ مظاهرين وچ ۾ جهڙپون پڻ ٿيون، جنهن دوران مرڪزي صدر ڪامريڊ انور کوکر کي پوليس گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ڪارڪنن نعريبازي ڪري کين پوليس کان ڇڏائي ورتو. ڀرياروڊ ۾ جسقم اڳواڻ مقصود خان قريشي ۽ سندس ساٿي سلمان وڌي جي قتل خلاف جسقم جي سڏ تي پوري سنڌ جيان دادو ضلعي ۾ به مڪمل طور تي هڙتال رهي، دادو شهر جا اهم ڪاروباري علائقه اسٽيشن روڊ، شاهي بازار، مارڪيٽ روڊ، ريشم بازار، سئنيما چوڪ، بس اسٽاپ جا ڪاروباري مرڪز مڪمل طور تي بند رهيا ۽ شهر ۾ ٽريفڪ پڻ روڊ تان غائب رهي، جڏهن ته جسقم اڳواڻ مقصود خان قريشي ۽ سندس ساٿي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ نوجوان ويلفئر ايسوسي ايشن ضلع دادو پاران احتجاجي مظاهرو ڪري دادو نيشنل پريس ڪلب جي سامهون ڌرڻو هڻي سخت نعريبازي ڪندي اڳواڻن مجيب پنهور، راحب مري، شهزاد علي، ذوالفقار سهارڻ ۽ ٻين چيو ته جسقم اڳواڻ جو قتل هڪ گهري سازش آهي، سنڌي ادبي سنگت شاخ دادو ۽ ڦلجي سنگت پاران شهيد مقصود خان قريشي جي سوڳ ۾دادو ۾ رٿيل سائين الهرکيو ڳورڙ جي ورسي کي ملتوي  ڪئي وئي، شاهپورجهانيان ٻئي ڏينهن به سوڳ ۾ بند رهيو، سڀئي ڪاروباري مرڪز مڪمل طور بند رهيا جڏهن ته جسقم ڪارڪنن ظفر ٻگهيو، غلام نبي ڏاهري، قربان بگو، غلام نبي سنڌي، موريل ڏاهري، ستار بگو، اسد ٻگهيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نيشنل هاءِ وي تي ڌرڻو هڻي سخت بازي ڪئي. جسقم اڳواڻن شهيد مقصود خان قريشي ۽ سلمان وڌو جي شهادت خلاف پڊعيدن ۽ ڀرپاسي جي علائقن، شهرن ۾ ٻي ڏينهن مڪمل شٽر بند هڙتال رهي.

No comments:

Post a Comment