Saturday, March 8, 2014

ملائيشيا جو جهاز 239 مسافرن سوڌو گم، برمودا ٽڪنڊي ۾ غرق ٿيڻ جو خدشو

ڪولالمپور/بيجنگ/هنوئي(مانيٽرنگ ڊيسڪ) ملائيشيا جو جهاز 239 مسافرن سوڌو گم، برمودا ٽڪنڊي ۾ غرق ٿيڻ جو خدشو، جهاز ۾ 2 دهشتگرد قرار ڏنل ماڻهو به سوار هئا، ميڊيا رپورٽن موجب ملائيشيا جي گادي واري شهر ڪولالمپور جي هوائي اڏي تان بوئنگ 777 جهاز صبح سوير بيجنگ ڏانهن روانو ٿيو ته ڏکڻ ويٽنام جي سامونڊي حدن ۾ پراسرار نموني گم ٿي ويو، جهاز ۾ 153 چيني، 38 ملائيشيا، 12 انڊونيشيا، 6 آسٽريليا، 4 آمريڪي، 3 فرانس، يوڪرين، نيوزيلينڊ ۽ ڪئناڊا جا 2-2 جڏهن ته روس، اٽلي تائيوان، آسٽريا ۽ نيڌرلينڊ جا هڪ شهري سوار هئا، جڏهن ته جهاز ۾ 12 عملي جا ماڻهو به سوار هئا، جهاز گم ٿيڻ بعد آمريڪي، سنگاپور، ويٽنام، فلپائن، چين ۽ ملائيشيا جي هوائي جهازن ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي، ويٽنام جون سامونڊي حدون جهاڳڻ بعد خدشو ڏيکاريو پيو وڃي ته بدنصيب جهاز سمنڊ ۾ موجود برمودا ٽڪنڊي ۾ غرق ٿي ويو آهي، جتي اڳ به 10 جهاز غرق ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جهاز ۾ آسٽريا ۽ اٽلي جا 2 دهشتگرد قرار ڏنل شهري به شامل هئا، جنهن بعد خدشو ڏيکاريو پيو وڃي ته شايد جهاز هائيجيڪ ٿي ويو هجي، آخري اطلاعن تائين جهاز جو پتو نه پئجي سگهيو هو.

No comments:

Post a Comment