Thursday, March 13, 2014

ٿر ۾ وڌيڪ 4 ڄڻا فوت، ڏڪار سبب 11 لک ماڻهو متاثر ٿيا، ڏيڍ لک آبادي لڏپلاڻ ڪئي: پي ڊي ايم اي


ڪراچي (اسٽاف رپورٽر+م ڊ) سنڌ جي قدرتي آفتن بابت جوڙيل اداري چيو آهي ته ٿر ۾ 11 لک ماڻهو متاثر ٿيا، جڏهن ته ڏيڍ لک کان وڌيڪ ماڻهو لڏپلاڻ ڪري ويا آهن، جڏهن ته سنڌ جي وڌيڪ 7 ضلعن ۾ ڏڪار وارين حالتن جو اعلان ڪندي ريڊ الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي. پراونشل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي انگ اکر جاري ڪندي ڄاڻايو آهي ته ڏڪار سبب ٿر جا 11 لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿيا، انهن انگن اکرن موجب 90 سيڪڙو کان وڌيڪ ٿري آبادي ڏڪار جو شڪار آهي. ڏيڍ لک کان وڌيڪ آبادي لڏي وئي آهي. هوڏانهن سنڌ سرڪار، ٿرپارڪر بعد7 ضلعن ۾ ڏڪار وارين حالتن جو اعلان ڪندي ريڊ الرٽ  جاري ڪري ڇڏيو آهي .عمرڪوٽ، سانگهڙ، خيرپور، ٺٽي، بدين، سجاول ۽ گهوٽڪي وارن ضلعن ۾ ڏڪار جهڙي صورتحال هجڻ بابت ريڊ الرٽ جاري ڪندي صحت، مڪاني ادارن، روينيو،رليف سميت پنجن کاتن جي ملازمن جون موڪلون رد ڪري متاثر علائقن ۾هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ 24 ئي ڪلاڪ تيار رهڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ڪالهه سنڌ جي بحالي واري کاتي پاران ٿرپارڪر بعد عمرڪوٽ، بدين، ٺٽي، سجاول، سانگهڙ، خيرپور ۽ گهوٽڪي ۾ ساڳي ڏڪار جهڙي صورتحال پئدا ٿيڻ جي ريڊ الرٽ جاري ڪري ڇڏي آهي جتي هنگامي نوعيت جي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ متاثر علائقن ۾ روينيو، صحت، رليف، زراعت ۽ مڪاني ادارن واري کاتي جي ملازمن کي تيار رهڻ جي پڻ هدايت ڪئي وئي آهي.
مٺي/عمرڪوٽ/ڇاڇرو (رپورٽ: اعجاز بجير/الياس ٿري/يعقوب بجير) ٿر ۾ وڌيڪ چار ڄڻا بک ۽ بيمارين وگهي فوت ٿي ويا. اسپتالن ۾ رڪارڊ او پي ڊي سهولتن جي اڻهوند سبب مريض دربدري جو شڪار ٿي ويا. ٿرپارڪر ضلعي جي مختلف اسپتالن ۾ ٻن عورتن سميت 3 ڄڻا موت جو کاڄ بڻجي ويا. ڏڪار متاثرن پاران ڪڻڪ جي ورهاست صحيح نه ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا آهن. امدادي ڪارروايون ڏورانهين ڳوٺن تائين پهچي نه سگهيون، جڏهن ته سول اسپتال مٺي۾ وڌيڪ 28 ٻارڙن کي داخل ڪيو ويو آهي ۽ ٻن ٻارڙين ڪوثر ۽ فرزانه کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد ريفر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڳوٺ ڳاهه خرچ جي رهواسڻ آسيت کي ڏيپلو اسپتال آندو پئي ويو ته وچ رستي ۾ فوت ٿي ويئي. رحمان آباد جي رهواسڻ کير ٻائي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ مٺي سول اسپتال مان حيدرآباد ريفر ڪيو ويو، پر مٺي کان نڪري فوت ٿي وئي. ڳوٺ راڄي ٻهر جي نوجوان عبدالستار جوڻيجو کي مٺي مان حيدرآباد ريفر ڪيو پئي ويو ته وچ رستي ۾ فوت ٿي ويو. طبي ٽيمون اڃا تائين ڏورانهين ڳوٺن تائين پهچي ناهن سگهيون. مٺي ۾ ڳوٺ رائيلو جي رهواسين ڪڻڪ جي ڊيلر خلاف ڪشمير چوڪ تي ڌرڻو هنيو ۽ ڊيلر مٿان رشوت وٺڻ جا الزام هنيا. ڇاڇرو تعلقه اسپتال ۾ ڪالهھ 732 کان مٿي  رڪارڊ او پي ڊي  ٿي، ۽  14  مريض اسپتال ۾ داخل ٿيا. جنھن مان 8ٻارڙاداخل ٿيا. ڇاڇري جي اسپتال کي تعلقه جو درجو ڏيڻ باوجود اڃا تائين عملي جي سخت کوٽ ۽گھٽ بجيٽ ملڻ لڳي ڇاڇرو اسپتال ۾ فقط 18 بيڊ آھن.تعلقه اسپتال ھئڻ باوجود اڃا تائين ڪا به ڊاڪٽرياڻي ۽ ڪو به اسپيشلسٽ ڊاڪٽر مقرر نه  ٿي سگھيو آھي،گذريل ڏينھن مريضن جي وڏي رش لڳل رھي جنھن سبب ڪيترن ئي مريضن کي نمبر نه ملڻ ڪري مريض خانگي اسپتالن ڏانھن ويا،جڏھن ته  خانگي اسپتالون به بيمار ٻارڙن سان سٿيل رھيون.جنھن سبب مريضن کي پريشاني جو منھن ڏسڻو پيو.ٻئي پاسي ڇاڇري ۾ پريس ڪلب اڳيان المصطفيٰ ويلفيئر ٽرسٽ طرفان مفت ميڊيڪل ڪيمپ لڳائي  ويئي جنھن ۾ 800 کان وڌيڪ مريضن جو معائنو ڪيو ويو. عمرڪوٽ ضلعي جي ڏڪار سٽيل قرار ڏنل 25 ديهن ۾ موجود اڍائي لک انسان ساهتا ۽ مدد جي انتظار ۾ ضلعي ۾ گيسٽرو ۽ ڪالرا جا ڪلور وڌڻ لڳا. هڪ ٻيو ٻارڙو فوت، فوتين جو انگ 2 ٿي ويو. سنڌ جي رليف ڪمشنر پاران عمرڪوٽ ضلعي جي ٿر ۾ موجود 25 ديهن کي ڏڪار سٽيل قرار ڏئي امدادي سرگرميون شروع ڪرڻ جو اعلان ڪرڻ باوجود عملي طور تي ڪٿي به امدادي ڪم شروع نه ڪيو ويو آهي. هوڏانهن ڪالهه سول اسپتال عمرڪوٽ ۾ داخل 12 سالن جو دولت پٽ ملوڪ اوڏ فوت ٿي ويو، جڏهن ته فوتين جو تعداد 2 ٿي ويو آهي. ٻئي طرف عمرڪوٽ جي ضلعي انتظاميا اين ڊي ايم اي ۽ پي ڊي ايم اي جي اختيارين کي ليٽر لکي فوري طور تي امدادي پئڪيٽ ۽ کاڌ خوراڪ جو سامان پهچائڻ جي درخواست ڪئي آهي.

ڪوهستاني علائقي جي جانورن ۾ بيماريون ناهن: ڊپٽي ڊائريڪٽر لائيو اسٽاڪ


ڪراچي (رپورٽر)  سنڌ جي چوپائي مال ۽ ماهي پروري کاتي طرفان ٺٽي ضلعي ۾ جانورن جو علاج نه ڪرڻ ۽ غفلت جو مظاهرو ڪرڻ تي ڊپٽي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر نياز ميمڻ کي معطل ڪري ڪراچي مان ڊاڪٽر موهن لعل مالهي کي  ڊپٽي ڊائريڪٽر ٺٽي جي  اضافي چارج ڏني وئي آهي  جنهن چارج وٺندي ٺٽي جي وٽنري اسپتالن جو دورو ڪيو ته خبر پئي ته ٺٽي جي ڊاڪٽر صابر شاھ ، جھرڪ اسپتال جي ڊاڪٽر محمدعلي مغل ڊيپوٽيشن تي بدلي ڪرائي ويا آهن جڏهن ته جھمپير اسپتال  ۾ ڊاڪٽر  جي پوسٽ خالي پيل آهي .نيئن ڊپٽي ڊائريڪٽر چارج وٺي ڪم شروع ڪري ڇڏيو ، پهرين ڏينهن  ڊپٽي ڊائريڪٽر هڪ ڊاڪٽر ۽ 9 ڪمپائونڊر ساڻ ڪري ڪوهستاني علائقن جھرڪ .جھمپير ۽ ٻين علائقن ۾ پوڻا ٽي هزار جانورن کي بيمارين کان بچاءُ جا ٽڪا ،پيٽ جي ڪيڙن  ۽ خارش جون دوائون ڏنيون آهن  ان سلسلي ۾ عوامي آواز سان ڳالهائيندي ٺٽي ضلعي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر موهن لعل مالهي  ٻڌايو ته  مون ٺٽي ۾ چارج ورتي آهي، دورا ڪيا آهن ٺٽي ۾ مال ۾ بيماري ناهي  مال جي مرڻ وارين خبرن ۾ سچائي ناهي، هتي ڪوهستاني علائقي ۾ خوراڪ جي کوٽ آهي جنهن جي ڪري رڍون ، ٻڪريون ۽ ڳائو مال ڪمزور  ٿي ويو آهي . هن چيو ته مون سيڪريٽري لائيو اسٽاڪ کي خط لکيو آهي ته داڪٽرن جي کوٽ آهي اهي بنادير  مقرر ڪيا وڃن.  هن ٻڌايو ته 1890 جانورن کي بيمارين کان بچاءُ جا ٽڪا لڳايا ويا آهن 256 جانورن کي پيٽ جي ڪيڙن جي دوا ڏني وئي آهي 150 جانورن کي خارش جون دوائون ڏنيون ويون آهن . مون پنهنجي بالا آفيسرن کي خط لکي آگاهي موڪلي آهي ته انهن جانورن جي ڪوت ”چاري“ جو بندوبست ڪيو وڃي ڇاڪاڻ ته ٺٽي ضلعي جي ڪوهستاني ۽ جابلو پٽي ۾ برساتون نه پوڻ سبب جانورن جي چراگاهه ختم آهن، انهن کي بھه ، لوسڻ  ۽ ٻيو سائوگاھ فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي.

اسلام ڪوٽ تعلقي ۾ رت جي کوٽ، ماتا ۽ نمونيا پکڙيل

اسلام ڪوٽ (ن ع آ) پورهئي کاتي جو صوبائي صلاحڪار اصغر علي خان جوڻيجو ڪالهه شام اسلام ڪوٽ پهتو، جتي هن صحت مرڪز ۾ قائم ڪيل ميڊيڪل ڪئمپ جو دورو ڪيو ۽ تفصيل ورتا. جڏهن ڪئمپ تي موجود ڊاڪٽرن صوبائي وزير کي ٻڌايو ته چار ڏينهن ڇاڇرو تعلقي ۾ لڳايل ڪئمپ ۾ 6 هزار 5 سئو مريضن جو علاج ڪيو ويو آهي ۽ اسلام ڪوٽ ۾ به 614 ٻارڙن ۽ وڏن جو علاج ٿيو آهي. اڪثر مريض رت جي ڪمي، ماتا، نمونيا ۽ ٻين بيمارين ۾ مبتلا آهي. صلاحڪار چيو ته ٿر ۾ هميشه لڏپلاڻ ٿيندي رهندي آهي پر هن ڀيري بيمارين بابت مسئلو پيدا ٿيو آهي، انهي ڪري سنڌ حڪومت سمورن مسئلن جي حل سنجيدگي سان ڪري رهي آهي.

اسلام ڪوٽ اسپتال کي اپ گريڊ ڪرڻ لاءِ 4 ايمبولينسون ڏيڻ جو اعلان

اسلام ڪوٽ : وڏو وزير اسلام ڪوٽ پهتو، سرڪاري اسپتال کي اپ گريڊ ڪري ليڊي ڊاڪٽرياڻيون مقرر ڪرڻ سميت چار ايمبولينسون ڏيڻ جو اعلان، ٿرپارڪر ۾ ڏڪاري حالتن بعد دوري تي نڪتل سنڌ جو وڏو وزير قائم علي شاهه رات دير سان اسلام ڪوٽ سرڪاري اسپتال پهتو، جتي سرڪاري اسپتال ۾ بند ڪمري ۾ وڏي وزير کي بريفنگ ڏني ويئي، سيڪيورٽي عملي ڪوريج لاءِ پهتل صحافين کي ڌڪا ڏيئي ٻاهر ڪڍي دروازا بند ڪري ڇڏيا، وڏي وزير قائم علي شاهه اسلام ڪوٽ سرڪاري اسپتال کي اپ گريڊ ڪرڻ ضلعي اسپتال واريون سهولتون ڏيڻ سميت چار ايمبولينس گاڏيون ڏيڻ ۽ ليڊي ڊاڪٽرياڻيون مقرر ڪرڻ جو اعلان به ڪيو، جڏهن ته وڏي وزير جي ٻاهر نڪرڻ دوران سوين ڏڪار واسي ماڻهن سخت احتجاج ڪيو، پر هن هڪ به نه ٻڌي، اسپتال جي مين گيٽ اڳيان شهرين بچل ڪنڀار ۽ نواز بجير گئوچر زمين تي قبضي خلاف مظاهرو ڪري روڊ بلاڪ ڪري گاڏيون روڪي ورتيون، جنهن دوران وڏي وزير مجبورن گاڏي روڪي مسئلو معلوم ڪيو ۽ زمين تي ٿيل قبضن جو نوٽيس ورتو، اسپتال اندر غريب ماڻهن جي احتجاج باوجود وڏي وزير پاران شڪايت نه ٻڌڻ تي آيل ماڻهو مايوس ٿي موٽي ويا.

ٿر ۾ کارو پاڻي واپرائڻ سبب هڪ ڳوٺ جي 90 خاندانن جا ڀاتي معذور

اسلام ڪوٽ: اسلام ڪوٽ ڀرسان ڳوٺ مئواکيراج ۾ کوهن جو پاڻي واپرائڻ سبب 90 خاندانن جا ڪيترائي ڀاتي معذور ٿي ويا. دانهون ۽ ڪوڪون ڪنهن نه ٻڌيون. ٿرپارڪر ضلعي ۾ جتي 95 سيڪڙو آبادي کوهن جو زهريلو پاڻي واپرائي ٿي، اتي هڪ اهڙو به ڳوٺ آهي، جتي پاڻي واپرائڻ سبب انسان معذور ٿي وڃن ٿا. اسلام ڪوٽ ڀرسان ڳوٺ مئواکيراج ۾ کوهن جو زهريلو پاڻي واپرائڻ جي ڪري ماڻهو بيمار ٿيڻ بعد معذور ٿي وڃن ٿا. ڪافي وقت کان پاڻي واپرائيندڙ سوين ڳوٺاڻا معذوري جي زندگي ۾ سور کائي گذاري ويا ۽ هن وقت ڳوٺ جي 90 خاندانن جا ننڍا ٻار، مرد ۽ عورتون معذوري حالت ۾ زندگي جا ڏينهن عذاب ۾ گذاري رهيا آهن. ڳوٺاڻن موجب ته ڳوٺ ۾ جيڪي به کوهه آهن، اهي کارا ۽ زهريلا آهن، انهن جو پاڻي ايڏو حاڃيڪار آهي جو پاڻي پيئندڙ هر ماڻهو کي شروع ۾ ڪمزوري ۽ رت جي کوٽ ۽ بعد ۾ وڏو ٿيڻ کان پوءِ معذور ٿي وڃي ٿو ۽ هلڻ ڦرڻ کان به لاچار آهي. ڳوٺاڻن موجب انساني زندگي تباهه ڪندڙ پاڻي جي مسئلي بابت ڪافي دانهون، ڪوڪون ۽ آهون ڪيون پر هن وقت تائين ڪير به ٻڌڻ وارو ناهي آيو. ياد رهي ته ٿر ۾ ٺهندڙ روڊن تي ٺيڪيدار مٺي پاڻي جون ٽانڪيون ڀري استعمال ڪن ٿا. پر ڄاڻايل ڳوٺ جا رهواسي مٺي پاڻي لاءِ اڄ تڙپي رهيا آهن.

ٿر ۾ 1998ع جي آدمشماري تحت ورهاست جو فيصلو تبديل، وڌيڪ 85 هزار خاندان شامل

مٺي: سنڌ حڪومت ٿرپارڪر جي ڏڪار متاثرن ۾ 1998ع جي آدم شماري تحت ڪڻڪ جي ورهاست وارو فيصلو تبديل ڪندي وڌيڪ 85 هزار خاندانن کي ڪڻڪ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن ڪري هاڻي رجسٽرڊ هڪ لک 75 هزار خاندانن بدران 2 لک 59 هزار 945 خاندانن کي في خاندان 50 ڪلو گرام جي حساب سان مفت ڪڻڪ ڏني ويندي. ان ڏس ۾ معلوم ٿيو آهي ته پيپلز پارٽي جي مقامي چونڊيل نمائندن ۽ عوام جي شڪايتن بعد سنڌ حڪومت ٿر ۾ 1998ع جي آدم شماري تحت هڪ لک 75 خاندانن ۾ هلندڙ امدادي ڪڻڪ جي فيصلي کي تبديل ڪندي آدم شماري جي 3.6 گروٿ ريٽ تحت 12 لک آبادي جي 2 لک 59 هزار 945 خاندانن کي ڪڻڪ ڏيڻ جو سرڪاري طور نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. ان ڏس ۾ رليف واري ڪوآرڊينيٽر تاج حيدر ۽ مقامي ايم پي اي ڊاڪٽر معيش ڪمار ملاڻي تصديق ڪندي چيو آهي ته هاڻي 2011ع جي متاثرن واري لسٽ تحت 85 هزار وڌيڪ خاندانن کي ڪڻڪ ڏني ويندي.

No comments:

Post a Comment