Saturday, March 22, 2014

دعا ٿا ڪريون ته مقصود جي قاتلن کي سزا ملي: ڪراچي پوليس

ملير (عوامي آواز نيوز)  ڪمشنر ڪراچي، 2 ڊي آءِ جيز ۽ ڊي سي کي ساڻ ڪري صنعان خان قريشي وٽ پهچي ويو، گذريل ڏينهن ڪمشنر ڪراچي شعيب احمد صديقي، ڊي آءِ جي اوڀر منير احمد شيخ، ڊي آءِ جي ڏکڻ عبدالخالق شيخ، ڊي سي ملير قاضي جان محمد سميت ٻيا آفيسر ساڻ ڪري گلشن حديد ۾ مقصود خان قريشي جي تڏي تي پهچي جسقم جي چيئرمين صنعان قريشي ۽ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي سان ملاقات ڪئي. ڪمشنر ڪراچي شعيب احمد صديقي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته مقصود خان قريشي جو قتل هڪ دردناڪ واقعو آهي، اسان وزير اعليٰ جي حڪم تي جسقم جي قيادت سان ڏک ونڊڻ لاءِ پهتا هئاسين، هن چيو ته مقصود خان قريشي جو واقعو افسوسناڪ عمل آهي جنهن جي جيتري به مذمت ڪجي گهٽ آهي، فريڊم مارچ جي حوالي سان پڇيل سوال جي جواب ۾ ڪمشنر ڪراچي ٻڌايو ته فريڊم مارچ جو روٽ ۽ سيڪيورٽي جو پلان سنڌ حڪومت پاڻ طئه ڪندي. عبدالخالق شيخ جسقم قيادت سان ڳالهائيندي چيو ته مقصود خان قريشي جو قتل تمام ڏکوئيندڙ واقعو آهي اسان دعا ڪريون ٿا ته هن قتل ۾ ملوث جوابدارن کي سزا اچي. هن چيو ته ان کان اڳ بشير خان قريشي تي به اهڙي قسم جا حملا ڪيا ويا ۽ مقصود خان قريشي تي حملو افسوس جوڳو عمل آهي ۽ اسان هن ڏک ۾ بشير خان جي خاندان سان برابر جا شريڪ آهيون.

No comments:

Post a Comment