Saturday, March 22, 2014

راڻي پور ۾ جسقم ڪارڪنن گهرن ۾ تڏا وڇائي ڇڏيا، ڪاروبار بند، عدالتي بائيڪاٽ

راڻيپور (ن ع آ) راڻيپور ۾ ڀريا سٽي سانحي خلاف ٻئي ڏينهن به سوڳ  رهيو، جسقم ڪارڪنن ميان بخش شاهاڻي ۽ مجيب ڀيلار جي اڳواڻي ۾ نيشنل پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪيو. بعد ۾ 5 گاڏين جي قافلي ۾ ڪراچي روانا ٿي ويا، جڏهن ته روشن علي لغاري سميت ڪيترن ئي جسقم اڳواڻن جي گهرن ۾ مقصود قريشي ۽ سلمان وڌو جي شهادت تي مجيون ۽ کٽون اونڌيون ڪيون ويون. راڻيپور عدالت جي وڪيلن علي مردان جوڻيجو امتياز سولنگي ۽ ٻين ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪيو. پ پ (ش ڀ) پاران نصير سولنگي پير احمد علي شاهه، راجا شيخ، برڪت سهتو ۽ شيراز سنڌو جي اڳواڻيءَ ۾ مظاهرو ٿيو. ٻئي طرف شاهه لطيف فائونڊيشن اڳواڻن غلام عباس ويسر، صاحب خان شيخ، غلام مهدي ۽ نديم شيخ پريس ڪانفرنس ڪري واقعي جي سخت لفطن ۾ مذمت ڪئي.

No comments:

Post a Comment