Saturday, March 8, 2014

ٿر ۾ ڪاري ڏڪار وڌيڪ 8 حياتيون ڳڙڪائي ڇڏيون، فوتين جو انگ 131 ٿي ويو، اڪثر متاثرن تائين اڃا امداد نه پهتي

ڇاڇرو: پنهنجا اباڻا ڪک ڇڏي لڏ پلاڻ ڪندڙ ڪٽنب جي عورت بچيل اٽي جي لپ مان پيٽ جي باهه جو دوزخ ڀرڻ لاءَ رستي تي ماني پچائي رهي آهي
مٺي/اسلام ڪوٽ/ڇاڇرو/ نئون ڪوٽ (ڪاوش نيوز) ٿرپارڪر ۾ ڪاري ڏڪار جي سنگين انساني المئي جنم ورتو آهي ۽ ان دوران ئي ڪالهه وڌيڪ 8 ٻارڙا خوراڪ جي کوٽ ۽ بيمارين وگهي فوت ٿي ويا آهن، اهڙي ريت ڏڪار دوران فوت ٿيل ٻارڙن جو انگ 131 ٿي ويو آهي. جڏهن ته اهو به تصديق ٿيل انڪشاف ٿيو آهي ته رڳو ڏيپلي اسپتال ۾ سيپٽمبر کان 14 فيبروري تائين 7 ٻارڙا بک ۽ بيمارين وگهي فوت ٿيا آهن، هن وقت ڏڪار سٽيلن جو وڏو انگ سرڪاري امداد کان محروم بڻيل آهي، تفصيلن موجب ٿرپارڪر ضلعي اندر ڪاري ڏڪار وڏي پئماني تي ماڻهن کي بک ۽ بيمارين جي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو آهي ۽ ڪالهه به وڏي انگ ۾ بيمار ٻارڙن کي اسپتالن ۾ آڻڻ جو سلسلو جاري رهيو، جڏهن ته بک ۽ بيمارين ۾ پاهه ماروئڙن جي بئراجي علائقن ڏانهن لڏپلاڻ جاري رهي ، ڪالهه مليل تفصيلن موجب اسلام ڪوٽ ۾ هڪ مهيني جي ٻارڙي نانجو ڪولهي نمونيا جي بيماري سبب فوت ٿي وئي آهي، جڏهن ته شهر جي مختلف سرڪاري ۽ خانگي اسپتالن ۾ ٻارڙي چاهت، صفوران، بادل، سنيلا، بلال شهديو، رتنو، دانش ۽ اعجاز سميت 14 ٻارڙن کي داخل ڪيو ويو آهي، هوڏانهن ڇاڇرو تعلقي جي مختلف ڳوٺن ۾ 3 ٻارڙا فوت ٿيا آهن، جن موجب ڳوٺ صوبي جو تڙ ۾ 3 سالن جو معصوم ٻارڙو امين ولد اسلم راهمون فوت ٿي ويو، ڇاڇرو شهر جي دورا پاڙي ۾ 3 مهينن جي آسيه ڌيءَ عطاءُ الله نهڙي فوت ٿي وئي آهي، ٻئي طرف ننگرپارڪر جي ڳوٺ ٻلياري ۾ هڪ مهيني جي مير زادي ڌيءَ بهادر چنو فوت ٿي وئي آهي، هوڏانهن ڏيپلي تعلقي جي ڳوٺ چانڊاڻو ۾ 9 سالن جي ٻارڙي لڇمي ڌيءَ سکيو ڪولهي بک ۽ نمونيا سبب فوت ٿي وئي آهي کيس مٺي کان حيدرآباد نيو پئي ويو ته هوءَ رستي ۾ فوت ٿي وئي، ان کان علاوه ڏيپلي جي ڳوٺ ڇڇي مورا ۾ هڪ سال جو ڏيبو ڀيل ۽ هڪ سال جي نينگري ريشمان ڌيءَ الهرکيو نهڙي نمونيا ۽ بخار وگهي ٿي وئي، ان دوران ڏيپلي اسپتال ۾ ايم ايس ڊاڪٽر منظور ميمڻ تصديق ڪئي آهي ته رڳو ڏيپلي ۾ سيپٽمبر کان 14 فيبروري تائين 7 ٻارڙا ڏيپلي جي اسپتال ۾ فوت ٿي ويا آهن، ان سلسلي ۾ ڏيپلي اسپتال جي ڊاڪٽر فضل الله بجير ڪاوش کي ٻڌايو ته ٻارڙن جي فوت ٿيڻ جي ٻين سببن سان سندن وجود ۾ خوراڪ جي کوٽ جو هجڻ به هو، هن تصديق ڪئي ته 7 ٻارڙا خوراڪ جي کوٽ سبب فوت ٿيا، ٻئي پاسي ڏڪار جي لپيٽ ۾ آيل ٿر جي مختلف ڳوٺن مان مارو ماڻهن جي بئراجي علائقن ڏانهن لڏپلاڻ سبب ڳوٺ ويران بڻجي ويا آهن، سندن ڪکاون گهرن جي چونئرن کي تالا لڳل آهن .ڳوٺن ۾ ڪجهه پاڙن ۾ گهرن ۾ پوڙها مرد ۽ عورتون گهڻي ڀاڱي رهيل آهن، جڏهن ته نوجوان بئراجي علائقن ڏانهن مزدوري لاءِ ويل آهن، ڪجهه ٻين پاڙن ۾ رهجي ويل مارو ماڻهن ڳوٺ عالمسر، ڪپوسر ۽ هوٿير جي ڳوٺاڻن هرجي، سنڀو هانسي، جهمي، وارتي ۽ ٻين چيو ته غريب آهيون، سرڪار انهيءَ ڪري ڪا مدد نه ڪئي آهي، هن چيو ته غربت ۽ ڏڪار سبب دربدر ٿي رهيا آهيون ۽ ڏڪار بک ماري ڇڏيو آهي ، سرڪار ڪڏهن به ڏڪار ۾ اهڙي مدد ناهي ڪئي، ٻئي پاسي حڪومت طرفان اعلانيل مفت ڪڻڪ جي ٿر جي مختلف شهرن ۾ ورهاست جو عمل شروع ٿي ويو آهي، جڏهن ته اڃا به اڪثر علائقن ۾ امدادي ڪڻڪ ورهائجي نه سگهي آهي، ان حوالي سان سنڌ حڪومت جي ترجمان سڌ سماءَ جي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته ٿر جي ڳوٺن ۽ ڏورانهن علائقن ۾ ڪڻڪ سولائي سان پهچائي نه ٿي سگهجي، کيکڙا تمام گهٽ آهن، ان ڪري ٽرانسپورٽ جي کوٽ ختم ڪرڻ لاءِ عمرڪوٽ ۽ سانگهڙ ضلعن مان کيکڙا گهرايا آهن، فوڊ گودامن کان ڳوٺن جي سينٽرن تائين کيکڙن ذريعي ڪڻڪ موڪلي پئي وڃي، جلد ئي ٻهراڙين تائين ڪڻڪ جي مفت ورهاست شروع ڪئي ويندي، مٺي ۾ انتظامي عملدارن سان گڏجاڻين دوران ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ٿر جي ماڻهن کي هن ڏکئي وقت ۾ اڪيلو نه ڇڏينداسين. گذريل چئن مهينن دوران ٿر ۾ 69 ٻارڙن جو موت ٿيو آهي، جنهن ۾ وڌيڪ موت ٻارڙن ۾ نمونيا سبب ٿيو آهي، سيڪريٽري صحت سنڌ کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن، ٻارڙن جا 19 ماهر ڊاڪٽر جن ۾ 4 عورت ڊاڪٽرياڻيون به شامل آهن، دوائن جي ٻن ٽرڪن سان گڏ ٿرپارڪر جي سمورن علائقن ۾ ڪم شروع ڪري چڪا آهن، هن چيو ته صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ 42 ڪروڙ جي ڪڻڪ سموري ضلعي ۾ مفت ورهائي پئي وڃي، ڪڻڪ جي ورڇ شفاف بڻائڻ لاءِ اسسٽنٽ ڪمشنرن کي تعلقي جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته مختيارڪار ۽ ڊي ايف سي ميمبر هوندا، جيڪي پنهنجي علائقن ۾ 50 ڪلو گرام ڪڻڪ في ڪٽنب جي حساب سان ورهائيندا، هن چيو ته ٿر ۾ ٻارڙن جي فوت ٿيڻ تي اسان سميت پ پ جي اعليٰ قيادت کي شديد ڏک پهتو آهي، اسان ميڊيا جي مهرباني ادا ڪيون ٿا، ته انهن هن مسئلي کي اسان تائين پهچايو، پر ميڊيا کي زميني حقيقتون به ٻڌائڻيون پونديون، هن چيو ته ٻارڙا لاڙڪاڻي، حيدرآباد ۽ سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ به مرن ٿا پر ٿرپارڪر ۾ ڏڪار سبب ڪجهه وڌيڪ فوت ٿيا آهن، هن چيو ته صحت کاتي جي رپورٽ موجب ٻارڙا خوراڪ جي کوٽ سبب فوت نه ٿيا آهن، ان موقعي تي صوبائي وزير گذريل 4 سال جي ٻارڙن جي فوتگين جا انگ اکر ٻڌائيندي چيو ته سال 2011ع ۾ 140، 2012ع ۾ 137، سال 2013ع ۾ 195 جڏهن ته هلندڙ سال دوران 47 ٻارڙا سردي، نمونيا ۽ ڦڦڙن جي بيمارين سبب فوت ٿيا آهن، هن چيو ته سنڌ حڪومت ان جي ذميواري قبول ڪري ٿي ۽ اسان پاڻ کي آجو نه ٿا سمجهون، وزيراعليٰ سنڌ جون سخت هدايتون آهن ته ڪوتاهي ڪندڙن کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪنداسين، صوبائي وزير ڊسٽرڪٽ ٿرپارڪر جي سمورن کاتن جي آفيسرن جو اجلاس طلب ڪيو، اجلاس جي صدارت ڪندي هن سمورن آفيسرن کي هدايت ڪئي ته هو امداد جي فراهمي ۽ ريليف جي ڪمن جي 24 ڪلاڪ مانيٽرنگ ڪن ۽ ان سلسلي ۾ ڪوتاهي برداشت نه ڪبي. وزير اطلاعات شرجيل ميمڻ صوبائي سيڪريٽري صحت اقبال دراني سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو. صوبائي وزير جي هدايت تي 30 ڊاڪٽرن تي مشتمل ٽيم 15 پيرا ميڊيڪل اسٽاف سان گڏ ٿر رواني ٿي وئي، ان ٽيم سان گڏ دوائون جون 2 ٽرڪون به روانيون ڪيون ويون آهن، اها ٽيم صورتحال معمول تي اچڻ تائين ٿر ۾ موجود رهندي.

No comments:

Post a Comment