Saturday, March 8, 2014

لائيشيا جو جهاز سمنڊ ۾ ڪِري پيو، 239 مسافر اجل جو شڪار


ڪوالالمپور (نيوز ڊيسڪ) ملائيشيا جي قومي ايئر لائن جو مسافر جهاز سمنڊ ۾ ڪري تباهه ٿي ويو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ امڪان ظاهر ڪيو وڃي ٿو ته 239 مسافر مارجي ويا آهن. جهاز جي ڳولا جاري آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب جهاز ويٽنام جي جزيري ٿوڇو ويجهو سمنڊ ۾ ڪري تباهه ٿيو، جڏهن ته ويٽنام بحريه حادثي جي تصديق ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته جهاز ۾ چڙهيل سمورا مسافر مارجي وڃڻ جو خدشو آهي. واضح رهي ته ملائيشيا جي قومي هوائي ڪمپني جو مسافر جهاز ڪجهه ڪلاڪ اڳ ڪوالالمپور کان چين ويندي گم ٿي ويو هو، جنهن ۾ 239 ماڻهو چڙهيل هئا. ان کان اڳ ملائيشيا جي قومي هوائي ڪمپني جو چوڻ هو ته گادي واري هنڌ ڪوالالمپور کان چين جي شهر بيجنگ ويندڙ مسافر جهاز جو ڪنٽرول ٽاور کان رابطو ختم ٿي ويو آهي. ڪمپني جو چوڻ هو ته ان بوئنگ 777 جهاز ۾ ٻن کير پياڪ ٻارن سميت 227 مسافر ۽ عملي جا 12 ڄڻا شامل آهن. جهاز ۾ 160 چيني، 4 آمريڪي، 38 ملائيشيائي، 10 انڊونيشيائي ۽ 7 آسٽريلوي مسافر به سوار هئا. ملائيشيا ايئر لائن طرفان جاري ٿيندڙ بيان ۾ چيو ويو آهي ته ايم ايڇ 370 نالي وارو جهاز جمعي ۽ ڇنڇر جي وچ واري رات 2 لڳي 40 منٽن تي ڪوالالمپور جي هوائي اڏي تان اڏام ڀري ۽ ان کي مقامي وقت موجب صبح ساڍي ڇهين وڳي بيجنگ پهچڻو هو. هوڏانهن چيني ميڊيا جو چوڻ هو ته لاپتا ٿيندڙ جهاز جو ريڊار سان رابطو ويٽنام جي هوائي حدن ۾ ڪٽجي ويو، جهاز چين جي فضائي حدن ۾ داخل ٿيو ۽ نه ئي ان جي عملي چيني ايئر ٽريفڪ ڪنٽرول سان رابطو ڪيو. خيال رهي ته ملائيشيا ايئر لائن ايشيا جي وڏي فضائي ڪمپنين مان هڪ آهي ۽ روزانو ان تي 37 هزار مسافر دنيا جي 80 هنڌن تي سفر ڪندا آهن.

No comments:

Post a Comment