Tuesday, March 25, 2014

بهار آندا پٽن جا لاشا - وينگس

ڌرتي جي درد کي ڪير
به سمجهي نه سگهيو،
پوءِ به تو ضد ڪيو ته
تون ڌرتي جي درد تي مرهم رکندين،
ڌرتي جي درد تي مرهم ڪير رکندو؟
مون کي خبر ناهي،
پر اي ڌرتي،
مان تنهنجي سيني ۾ اُن کي دفن ڪرڻ آئي آهيان،
جنهن تنهنجي درد جي لاءِ مرهم پئي ڳوليو. (هلينا)
اسان سڀئي اِن ئي ڪوشش ۾ زندگي گذاريندا آهيون ته شل زندگي جا ڪجهه پل انصاف ڀري ماحول ۾ گذري سگهن پر اهو ممڪن ٿيندي نظر نه پيو اچي. هاڻي ائين ڇو آهي؟ ان سوال اچڻ کان پهرين مان پڇڻ چاهيندس ته رياست جا ٺيڪدار ڀل معصوم انسانن جي جهريل دلين ۽ چهرن تي آيل درد کي نه سمجهن، ڌرتي جي درد کي ڇو نه ٿا محسوس ڪن؟
هيءَ ڌرتي صدين تائين نه ختم ٿيندڙ درد ۾ وڪوڙيل آهي.
جيڪڏهن ڪجهه پير اڳتي وڌي ڌرتي جي درد کي ختم ڪرڻ لاءِ اڳيان اچن ٿا ته انهن جي ساهه کي ختم ڪيو وڃي ٿو.
اڄ مون کي هلينا جو نظم ياد ايندو رهيو، ڌرتي جي درد تي مرهم ڪير رکندو؟ مرهم ته پري جي ڳالهه آهي اُهي پنهنجن خوني هٿن سان درد ۾ اضافو ڪندا رهن ٿا. هيءَ ڌرتي به ڪيستائين درد جو بار جهلندي؟ هڪ نه هڪ ڏينهن هوءَ ان جو جواب ضرور ڏيندي پوءِ ڇا ڪير ان کي روڪي سگهندو؟ ان تي ڪجهه پل سوچ ويچار ضرور ڪجو، ڇو جو هر شيءِ برداشت ڪري سگهجي ٿي پر درد کي برداشت ڪرڻ آسان ناهي.
سنڌ جي ڌرتي تي وري ڳوڙهن ۽ دردن دستڪ ڏني آهي، 21 مارچ جي صبح جڏهن نوروز جو نئون سال بهار جي آمد سان ٽٽل درن تي دستڪ ڏيڻ آيو هو ان وقت سنڌ جي در تي جنازه ڏنا ويا. يقينن شاعر جو ٻول سچ ئي آهن ته ”بهار آنده پٽن جا لاشا.“
نوروز جي سال کي ڳوڙهن سان ڀليڪار ڪيو ويو جيڪي قومون بهار جو استقبال ماتم سان ڪن ان جي لاءِ ڪير ڪهڙي اُميد رکي سگهي ٿو پوءِ رياست جا ٺيڪدار چون ٿا ته قومپرست الڳ نعرو ڇو ٿا هڻن؟ قومپرستن کي گوليون هڻي قتل ڪيو، انهن جي لاشن کي رک ۾ تبديل ڪيو ۽ توهان اُميد رکو ٿا ته ڪجهه به نه چون.
پاڪستان جي اصل ڪرتا ڌرتائن (اسٽبلشمينٽ) نواز ليگ جيڪا صرف عربن کي خوش ڪرڻ لاءِ اقتدار ۾ آئي آهي ان جي هٿن ۾ ملڪ جي اندروني معاملن کي حل ڪرڻ جو سگهه نظر نه ٿي اچي.
جيڪڏهن عوام مڃي وٺي ته نواز ليگ جي هٿن ۾ سڀ ڪجهه آهي ته پوءِ وفاقي حڪومت ان جو جواب ضرور ڏئي ته 21 مارچ تي نوشهرو فيروز جي شهر ڀريا سٽي ۾ جسقم جو اڳواڻ مقصود خان قريشي ۽ هن نوجوان ساٿي سلمان وڌو تي ڪنهن گوليون هلايون ۽ انهن جي ڪار سميت لاش به ساڙيا ويا.
ان جي پٺيان ڪير آهي؟ مقصود قريشي ۽ سلمان وڌي، رياست جي ڪنهن به فورس تي طالبانن جيان حملو نه ڪيو هو، انهن رياست کي چيئلينج به نه ڪيو. هڪ نظرياتي اختلاف آهي جنهن کي ڳالهه ٻولهه ذريعي ٻڌي سگهجي ٿو. اِهو سڀ ڪجهه نه ڪيو ويو پر انهن جي سينن تي گوليون هلائي لاشن کي ساڙيو ويو.
سنڌ ۾ اهو پهريون واقعو ناهي. 2011ع اپريل جي مهيني ۾ سانگهڙ واقعو به ائين ئي هو جتي سنڌي قومپرستن کي ساڙي شهيد ۽ ان کان پوءِ بشير قريشي کي شهيد ڪيو ويو.
قومپرستن کان وٺي وفاقپرستن تائين جي سياسي اڳواڻن کي شهيد ڪيو ويو آهي. شهيد بينظير ڀٽو ۽ مير مرتضيٰ ڀٽو کي شهيد ڪرڻ جو مطلب سنڌ جي سياسي سگهه کي ڪمزور ڪرڻ آهي.
ڳجها هٿ سنڌ جي ڪلهن تي جنازه موڪلين ۽ پوءِ چيو وڃي ته توهان ماتم ڇو ٿا ڪيو؟ حڪومت طالبانن سان ڳالهين لاءِ بيتاب آهي جن آرمي ۽ ايف سي ۽ ملڪ جي آئين کي قبول ناهي ڪيو پر پوءِ به ضياء جا پاليل دهشتگرد حڪومت لاءِ پيارا آهن. انهن جي لاءِ رياست جو قانون ۽ آئين چپ جو روزو رکي ٿو.
اتي ئي سنڌي قومپرست اخلاقي ۽ قانوني طورتي پراُمن آواز اُٿارين ٿا ته چيو وڃي ٿو توهان ائين ڇو ٿا ڪيو؟ رياست جي ٻٽي پاليسي ڇو آهي؟ طالبانن لاءِ ڳالهين جي مٺائي ۽ قومپرستن لاءِ گوليون...؟!
نواز ليگ ۽ وفاقي پارٽين کي اِن جو جواب ڏيڻ گهرجي ته ڪيستائين سنڌ جي ڪلهن تي توهان جنازه ڏيندوء؟ مان هتي هڪ ڳالهه سڌي طور تي اسٽبلشمينٽ تي واضح ڪرڻ چاهيان ٿي ته شهيد بينظير ڀٽو سنڌ جي عوام لاءِ اُميد هئي ان تي هلايل گولي، سنڌي عوام جي اُميدن تي گولي هئي. هاڻي سنڌ سياسي يتيمي جي راهه تي بيٺل آهي. ان جي در تي 21 مارچ جي ڏهاڙي تي سياسي اڳواڻن جا سڙيل جنازه ڏئي، مجبور ڪيو پيو وڃي ته سنڌي غصي ۾ اچن.
ڇا جڏهن جڏهن جسقم 23 تي فريڊم مارچ ڪراچي ۾ ڪڍندي ته ڇا انهن کي جنازه ڏنا ويندا؟ گولين سان آواز  کي دٻائي نه ٿو سگهجي پر اِن سان اڃا وڌيڪ ردعمل اڳيان ايندو.
هي قومپرستن آهن ڪي طالبان ناهن. دنيا جي تاريخ کڻي ڏسو، قومپرستن کي دٻائي نه ٿو سگهجي ۽ جيڪي داٻو قبول ڪري وڃن اهي قومپرستن ناهن. سنڌ جي سياست کي مجبور نه ڪيو اسان هڪ ڀيرو ٻيهر چئون ٿا ته سنڌ جي هٿن ۾ جنازه ڏيڻ بند ڪيو. اهو مسئلي جو حل ناهي.
جيڪڏهن رياست ڳالهيون ڪرڻ ۾ يقين رکي ٿي ته پوءِ ڳالهيون فاٽا ۾ ويٺل طالبانن سان ڇو آهن؟ اهي ئي ڳالهيون بلوچستان ۽ سنڌ ۾ ٿيڻ گهرجن. ان جي ابتڙ هتان جي ماڻهن خلاف آپريشن ڪيو پيو وڃي. حڪومت صرف پنهنجن چهيتن لاءِ ڳالهين جو راڳ ڳائي پئي.
تبت سينٽر تي جسقم جو فريڊم مارچ جنهن جي هٿن ۾ جنازه ۽ دلين ۾ درد آهي. اُنهن جو نظريو ڪهڙو به هجي پر اُهي سڀئي پراُمن نموني پنڊي/ اسلام آباد جي حڪمرانن ڏانهن پنهنجو پيغام ڏئي رهيا آهن. اُنهن ڪو ردعمل ظاهر ڪري رياست تي حملو ناهي ڪيو.
رياست کي سوچڻ گهرجي ته گولين سان قومپرستن جي آواز کي دٻائي نه ٿو سگهجي ۽ هيءَ سنڌ آهي اهو به وساريو ڇو جو شهيد بينظير ڀٽو کانپوءِ سنڌ هينئر به هڪ گهيري غم ۾ آهي. ڇا 27 ڊسمبر 2007 تي لڳل نعرو حڪمرانن کان وسري ويو؟!
سنڌ حڪومت جو راڳ ته بلوچستان جهڙيون حالتون ٿيڻ نه ڏينداسين. سنڌ حڪومت کي ڪجهه سمجهه ۾ به اچي ٿو ته ڇا اڃا حالتن کي سڱ ٿيندا آهن؟ مقصود قريشي ۽ سلمان وڌو تي گوليون هلائي ۽ انهن جي لاشن کي رک ۾ تبديل ڪيو ويو.
سنڌ حڪومت کي مقصود قريشي ۽ سلمان وڌو ڪيس تي ايمانداري سان جاچ هلاڻي پوندي. جيڪڏهن سنڌ حڪومت پر ۽ پوءِ جي پاليسي اختيار ڪئي ته پوءِ حالتون خراب ٿينديون. سنڌ حڪومت نه وساري، افغان ڌاريا ۽ انتهاء پسند تنظيمون چهرن تي نقاب چاڙهي سنڌ ۾ داخل ٿي چڪيون آهن، ان ڪري قاتلن جي چهرن تان نقاب لاهيو ۽ عوام کي ٻڌايو ته اصل قاتل ڪير آهي.
اسلام آباد جي حڪمرانن کي تاريخ مان سبق سکڻ گهرجي هاڻي وقت ملڪ ٻاراڻي پاليسي کي برداشت نه ڪري سگهي، گهڻي ٿي!!!
طالبانن کي جهول ۾ ويهاريو ۽ قومپرستن ڏانهن آپريشن جا رُخ ڪيا پيا وڃن. تبت سينٽر تي گڏ ٿيل سنڌي قومپرستن جي چهرن کي غور سان ڏسو اهي سڀئي پراُمن آهن اهي ڇا ٿا چاهين ۽ انهن جي ناراضگي کي ڪيئن ٻڌڻ گهرجي ان تي سوچو.
روزاني عبرت تان ورتل 
25 مارچ 2014ع

No comments:

Post a Comment