Saturday, March 22, 2014

حق گهرڻ ڏوهه آهي ته مان به شهادت لاءِ تيار آهيان: شهيد مقصود جو پٽ

رتوديرو: شھيد مقصود قريشي جي وڏي پٽ سعد علي قريشي صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته شھيد بابا مونکي سنڌ ڌرتيءِ بابت ٻڌائيندو ھيو ته سنڌ جا اسان سنڌي مالڪ آھيون. ان تي ڌارين قبضو ڪيو آھي ان قبضي کي ڇڏائڻ لاءِ اسان جنگ وڙھون پيا ان ڪري گھر کان ٻاھر رھڻو ٿو پوي سنڌ جو ڪيس سنڌي ماڻھن وٽ کڻي وڃون ٿا انھن کي تبليغ ڪري سائين جي ايم سيد جو پيغام پھچايون ٿا. ھن چيو ته منھنجي بابا کي آخري ڪھڙي ڏوھ ۾ شھيد ڪيو ويو آھي ڇا پنھنجي حق لاءِ آواز اٿارڻ ڏوھ آھي ته پوءِ اسان قريشي گهراڻي جو ھر فرد اھو ڏوھ ڪندو رھندو مان به وڏو ٿي پنھنجي شھيد بابا جي ڏسيل واٽ تي ھلندس، سنڌ سان عشق ڪندس ڀلي مونکي به شھيد ڪيو وڃي پر سنڌ ڌرتي لاءِ وڙھندس. اسان جي گھر ۾ ماتم آھي پر اسان جا حوصلا بلند آھن اسان ڪونه ڊڄنداسين ڀلي اسان جي گھر ۾ لاش ڏيندا وڃون اسان شھادت لاءِ تيار آھيون.

No comments:

Post a Comment