Friday, March 14, 2014

”قائم علي شاهه ٿر ۾ ڏڪار کي بروقت منهن ڏنو: پ پ سنڌ ڪائونسل جو وڏي وزير کي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ ٺهراءُ منظور

ڪراچي (عوامي آواز نيوز) پيپلزپارٽي سنڌ ڪائونسل پاران ٿر ۾ ڏڪار صورتحال کي بروقت منهن ڏيڻ تي سنڌ حڪومت ۽ وڏي وزير سيد قائم علي شاهه کي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ ٺهراءَ منظور ڪري ورتو. سنڌ جي وڏي وزير قائم علي شاهه چيو آهي ته ٿر جي صورتحال تي جلد ئي ضابطو آندو ويندو، ٿر جي متاثر ماڻهن کي راشن ۽ ٻين شين جي فراهمي جو عمل تيزيءَ سان جاري آهي ۽ اتي زندگي آهستي آهستي معمول تي اچي رهي آهي. گذريل ڏينهن پيپلز پارٽي سنڌ ڪائونسل جو اجلاس پ پ سنڌ جي صدر ۽ وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي صدارت هيٺ وزير اعليٰ هائوس ۾ ٿيو، اجلاس ۾ 4 اپريل تي پ پ جي باني چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 35 هين ورسي جي تيارين ۽ ٿرپارڪر ضلعي ۾ ڏڪار متاثر ماڻهن ۾ سنڌ حڪومت پاران جاري امدادي سرگرمين کي وڌيڪ تيز ڪرڻ واري انتظامن تي ويچاريو ويو. اجلاس ۾ ٿرپارڪر ضلعي ۾ متاثر ماڻهن ۾ سنڌ حڪومت جي امدادي سرگرمين وارين قدمن ۽ انتظامن تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته شهيد ڀٽو جي 35 هين ورسي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي ويندي. 3 ۽ 4 اپريل وچ واري رات ڳڙهي خدا بخش ۾ جلسو ٿيندو، جنهن کي پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري ۽ ٻيا اڳواڻ خطاب ڪندا. ان موقعي تي محفل مشاعرو به ٿيندو، جلسي جي پڄاڻي تي شهيد ڀٽو جي زندگيءَ تي ٻڌل دستاويز فلم به ڏيکاري ويندي. سڀني ضلعي صدرن کي هدايت ڪئي ويئي ته اهي ڪارڪنن جا جنرل باڊي اجلاس ڪوٺائي پنهنجي تيارين کي حتمي شڪل ڏين. اجلاس ۾ هڪ قراداد يڪراءِ منظور ڪئي ويئي، جنهن ۾ ٿر ۾ ڏڪار جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ سنڌ حڪومت پاران فوري طور قدم کڻڻ ۽ متاثر ماڻهن کي بروقت امداد فراهم ڪرڻ ۽ سخت سيءَ ۽ وبائي بيمارين سبب متاثر ماڻهن ۽ ٻارن لاءِ طبي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ هنگامي اپاءَ وٺڻ تي سنڌ حڪومت خاص ڪري وڏي وزير سيد قائم علي شاهه کي خراج تحسين پيش ڪيو ويو.قرارداد ۾ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريپ پاران فوري طور ٿر جي صورتحال جو جائزو وٺڻ ۽ ٿر جي متاثر عوام سان همدردي جو اظهار ڪرڻ لاءِ پهچڻ تي کيس خراج تحسين پيش ڪيو ويو ۽ چيو ويو ته پ پ ۽ سنڌ حڪومت ٿر جي عوام کي ڪڏهن به اڪيلو نه ڇڏيندي، مخالف جيتري به پروپئگنڊه ڪن پر اهي سنڌ جي عوام کي گمراهه نٿا ڪري سگهن. اجلاس کي خطاب ڪندي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو ته اسان 6 سالن کان ٿر جي عوام جي خدمت ڪندا پيا اچون ۽ اهو ئي سبب آهي جو ٿر جي ماڻهن گذريل حڪومت ۾ پ پ کي ووٽ ڏنو. هن چيو ته ٿر ۾ سڀني مشڪلاتن تي ڪنٽرول ڪري چڪا آهيون، هن وقت سڄي ٿرپارڪر ضلعي ۾ سنڌ حڪومت پاران متاثر ماڻهن ۾ امدادي شين جي ورڇ زور شور سان جاري آهي، هن وقت ڪڻڪ جون 70 هزار کان وڌيڪ ٻوريون ورهائي چڪا آهيون، بيمارن جو علاج اسپتالن ۽ گشتي اسپتالن وسيلي جاري آهي ۽ جلد ئي  صورتحال نارمل ٿي ويندي. هن چيو ته اسان ٿر جي مستقل بنيادن تي اهڙي ترقي ڏيڻ چاهيون ٿا جتي روزگار کان علاوه زندگي جون سڀئي سهولتون موجود هجن. هن چيو ته ٿر جي ڪوئلي جي باقاعده استعمال کانپوءِ شهر جو موجوده نقشو ترقي يافته علائقي ۾ تبديل ٿي ويندو.

No comments:

Post a Comment