Friday, March 7, 2014

ٿر ۾ ماڻهو پيا مرن، اهڙي جمهوريت جو ڪهڙو فائدو؟ قومي اسيمبلي ميمبر

ٿرپارڪر: خوراڪ کي کوٽ جو شڪار ٻارن جي تصوير شل ٽوئٽر تي ويٺل بلاول کي نظر اچي
اسلام آباد (بيورو+آن لائن) ٿرپارڪر جي بک، بدحالي جي شڪار معصوم ٻارن جون آهون آخرڪار پارليامينٽ هائوس پهچي ويون. قومي اسيمبلي ميمبرن چيو آهي ته قوم جو مستقبل ٿرپارڪر ۾ بک افلاس جو شڪار آهي. اهڙي جمهوريت جو ڪهڙو فائدو جنهن جا ثمر غريبن تائين نه پهچي سگهن، جڏهن ته پ پ موقف اختيار ڪيو آهي ته سياري جي موسم سبب ڪمزور ٻارن جي موتن ۾ اضافو ٿي ويندو آهي. سنڌ حڪومت علائقي کي آفت سٽيل قرار ڏئي ڇڏيو آهي. قومي اسيمبلي اجلاس ۾ اعتراض واري نقطي تي لال چند چيو ته ٿر۾ ٻارڙا بک وگهي مري رهيا آهن، جڏهن ته سنڌ حڪومت ان کي نارمل قرار ڏئي رهي آهي، وفاقي حڪومت ان جو نوٽس وٺي، پ پ جي ايم اين اي شازيه مري چيو ته ٿر جا ماڻهو غربت ۾ رهي رهيا آهن، اهي غريب ضرور آهن پر دهشتگرد نٿا ٿي سگهن. تحريڪ انصاف جي مخدوم جاويد هاشمي چيو ته ٿرپارڪر ۾ ماڻهو مري رهيا آهن، سنڌ حڪومت جو احتساب ڪيو وڃي. وفاقي ۽ سنڌ حڪومتون ٿرپارڪر جي ماڻهن ڏانهن ڌيان ڏين.

No comments:

Post a Comment