Monday, March 10, 2014

روهڙي، صالح پٽ، پنو عاقل جا 100 اسڪول ٿاڻن، ڪڻڪ جي گودامن ۽ پلال جي ڀانڊن ۾ تبديل


روهڙي، صالح پٽ، پنو عاقل جا 100 اسڪول ٿاڻن، ڪڻڪ جي گودامن ۽ پلال جي ڀانڊن ۾ تبديل
سکر (رپورٽ: اظهر علي دايو) تعليم کاتي جي نا اهل ڪرپٽ بدعنوان آفيسرن جي لاپرواهي سبب پنوعاقل، روهڙي ۽ صالح پٽ تعلقن جا سئو کان وڌيڪ اسڪول ٿاڻن، ڪڻڪ جي گودامن، پلال جي ڀانڊن ۽ اوطاقن ۾ تبديل ٿي ويا آهن جنهن جي ڪري ڪيترن ئي ڳوٺن جي هزارين شاگردن ۽ شاگردياڻين جو مستقبل تباهه ٿي رهيو آهي، ڳوٺن علي نواز پلهه، بخشڻ نوناري، سومر ڪلهوڙو، فقير آباد، منصور آباد، قائم بيهڻ سميت ڪيترن ئي ٻين ڳوٺن ۾ گورنمينٽ بوائز اينڊ گرلز اسڪولن جي نين بلڊنگين ۾ سانگي پوليس ٿاڻو بڻائي ڪري جوابدارن کي بند ڪري ڇڏيو، ڪجهه ڳوٺن جا اسڪول ڪڻڪ جي گودامن، پلال جي ڀانڊن ۽ اوطاقن طور استعمال ٿي رهيا آهن، بند پيل اسڪولن جا استاد، استادياڻيون ويزا تي هجڻ ڪري گهر ويٺي پگهارون حاصل ڪري رهيا آهن، جنهن جي ڪري هزارين شاگرد ۽ شاگردياڻيون تعليم کان محروم ٿي رهيا آهن، ان موقعي تي ولي محمد پلهه، بچل بلهه ۽ ٻين ٻڌايو ته حڪومت پاران ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ اسڪولن جون نيون بلڊنگيون تعمير ڪرايون ويون آهن پر انهن ۾ فرنيچر ۽ اسٽاف مقرر نه هجڻ ڪري اوطاقن طور استعمال ٿي رهيون آهن، جڏهن ته ڪيترن ئي اسڪولن جا استاد ڊيوٽي ڪرڻ بدران گهر ويٺي پگهارون حاصل ڪري رهيا آهن جنهن جي ڪري هزارين ٻار جهڙي زيور کان محروم ٿي رهيا آهن، ٻئي طرف ڳوٺ علي نواز پلهه جي گورنمينٽ پرائمري اسڪول جي ٽيچر علي نواز سان رابطو ڪيو ويو ته هن ٻڌايو ته منهنجا تعليم کاتي جي مقامي آفيسرن سان سٺا واسطا آهن ان ڪري اسڪول وڃان يا نه ان سان ڪو به فرق نه پوندو، ٻئي طرف ڳوٺاڻن وزيراعليٰ سنڌ سيد قائم علي شاهه، تعليم کاتي جي صوبائي وزير نثار کهڙو کان مطالبو ڪيو آهي ته روهڙي، پنوعاقل ۽ صالح پٽ تعلقي ۾ بندپيل سوين اسڪول فوري طور کولرائي هزارين ٻارن جو مستقبل تباهه ٿيڻ کان بچايو وڃي. هوڏانهن نوجوان ڪٽپر تنظيم جي اڳواڻن محمد مبين ڪٽپر، حاجي خان محمد ۽ ٻين چيو آهي ته اسان جي ڳوٺ بخش ڪٽپر ۾ 80 سالن کان نياڻين جي تعليم جو ڪو به انتظام نه آهي، جنهن جي ڪري ڳوٺ جون نياڻيون تعليم جي زيور کان محروم بڻيل آهن، ڪيترائي ڪلو ميٽر پري کان تعليم حاصل ڪرڻ تي مجبور آهن، ڳوٺاڻن مطالبو ڪيو ته سندن ڳوٺ ۾ گورنمينٽ پرائمري اسڪول کولرائي ڏيڻ سميت ڀرپاسي جي پڙهيل لکيل نياڻين کي استاد طور ڀرتي ڪيو وڃي ته جيئن ڳوٺ جون نياڻيون تعليم حاصل ڪري سگهن.






No comments:

Post a Comment