Friday, March 14, 2014

ٿر ۾ صحت جي سهولتن جي اڻهوند ۽ خوراڪ جي کوٽ سبب حياتيون ضايع ٿيون: صحت جو عالمي ادارو

مٺي: بک ستايل هڪ پيرسن ٿري عورت امداد لاءِ هٿ کڻي ويٺل آهي
ڪراچي/مٺي/ڇاڇرو/اسلام ڪوٽ/نارو (نيوز ڊيسڪ+اعجاز بجير+يعقوب+غازي بجير+عثمان شر) ٿر ۾ چئن ٻارڙن ۽ پيرسن سميت وڌيڪ 5 ڄڻا فوت ٿي ويا. صحت جي عالمي اداري رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته صحت جي سهولتن تائين پهچ نه هجڻ سبب ٿر ۾ فوتگيون ٿيون، خوراڪ جي کوٽ به آهي. عالمي اداري جي تازي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ٿر ۾ ويجهي صحت مرڪز تائين پهچڻ ۾ ٻن کان چن ڪلاڪن تائين يا ان کان به وڌيڪ وقت لڳي وڃي ٿو. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته صحت مرڪز تائين پهچڻ لاءِ هڪ هزار کان چئن هزارن تائين ڀاڙو اچي ٿو، جيڪو ٿرين جي وس کان ٻاهر آهي. سرڪاري رڪارڊ موجب ٿر ۾ هڪ ضلعي اسپتال 3 تعلقي اسپتالن، 21 ڳوٺاڻا صحت مرڪز، 34 بنيادي صحت مرڪز، 2 ماءَ ۽ ٻارن جي بچاءَ وارا مرڪز ۽ 82 ڊسپينسريون موجود آهن. ٿر ۾ 29 اسپيشلسٽ سميت 165 ڊاڪٽرن جي کوٽ آهي، جن ۾ 27 ليڊي ڊاڪٽرن، جون جايون به شامل آهن. نرسنگ اسٽاف جون جايون به خالي آهن. ڊبليو ايڇ او موجب ٿر ۾ عورتن ۽ ٻارن ۾ خوراڪ جي کوٽ سبب بيمارين جنم ورتو. اڳ ۾ ئي علائقي ۾ خوراڪ جي کوٽ جي خبر پئي، ان لاءِ ئي گڏيل قومن جي ٽن ادارن ورلڊ فوڊ پروگرام، ڊبليو ايڇ او ۽ يونيسيف اڳ ۾ ئي ٿر کي اوليت ۾ رکيو آهي. رپورٽ موجب ٿر ۾ برساتون نه پوڻ سبب زراعت نه ٿي، جنهن سبب به کوٽ ٿي. هوڏانهن ٿرپارڪر ضلعي ۾ ڏڪاري حالتن بعد بيمارين ۾ وڌيڪ چئن معصوم گلن جهڙن ٻارڙن سميت 5 ڄڻا موت جو کاڄ بڻجي ويا آهن. ڊاڪٽرن جون خصوصي ٽيمون پڻ شهرن تائين محدود آهن. مليل معلومات موجب به مٺي سول اسپتال ۾ داخل ڳوٺ وڪڙيو جي ٽن مهينن جي ٻارڙي سڪينه ڌيءَ سليم ۽ ڳوٺ سانيا سر جي هڪ سالا ڇهنو سميت ڳوٺ سرنگهو ۾ ٽن مهينن جو نياز احمد ۽ ڳوٺ وي لنجا ۾ 50 ورهين جو متاثر رامون ڀيل ڏڪاري حالتن ۾ بيمارين جي ور چڙهڻ بعد موت جو کاڄ بڻجي ويا آهن، جڏهن ته سول اسپتال مٺي سميت ضلعي جي مختلف اسپتالن ۾ 12 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 25 ٻارڙا داخل ٿيا آهن. ڇاڇري جي ڳوٺ ڍاڪلو ۾ وڌيڪ  ٻن ورھين جي معصوم زاھدان ڌي جادم فوت ٿي ويئي آھي جنھن بعد ڳوٺ ڍاڪلو ۾ فوت ٿي ويل ٻارڙن جو تعداد 12 ٿي ويو آھي.ٻئي پاسي ڇاڇرو جي ڪيترن کي ڳوٺن. ڳوٺ وٻاسر،ھيرار،ڪانڪيو،جان محمد رند،سوائي ڪولھي،سعيدو تڙ،گل محمد تڙ، ۽ ٻين ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ اڃا تائين ڪڻڪ نه پھچي سگھي آھُي.جڏھن ته ڳوٺ جنجھي ، مبارڪ تڙ،رامجي ويري، ۽ ٻين ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ ڪڻڪ پھچڻ باوجود ورھائجي نه سگھي آھي. جڏھن ته ڳوٺ آدم تڙ،۾ ڊيپو ڪيپر ۽ ڳوٺاڻن ۾ ڊيپو ڏيڻ تان اختلاف سبب اڃا تائين ڇاڇرو گودام مان ڪڻڪ نه کنئي ويئي آھي. جڏھن ته وڏي وزير  قائم علي شاھ جي ٻيڻي ڪڻڪ ڏيڻ جي اعلان باوجود  اڃا تائين ان تي عمل نه ڪيو ويو آھي. نارا تعلقي جي ڪوٽ جبو واري اڇڙي ٿر ۾ ڪاري ڏڪار جون قهري ڪارروايون جاري آهن، بيوس بڻيل ٿرين جا وڌيڪ 200 ڍور کاڌ خوراڪ جي کوٽ ۽ بيماريءَ ۾ مري ويا آهن، جڏهن ته تڙ پسايو ۾ حاجي راڄڙ جون 20 ٻڪريون، تڙار ٿاهو ۾ ڀليڏنو راڄڙ جون 30 ٻڪريون، خميسو ابڙو تڙ ۾ ۽ ٻانهن واري تڙ ۾ محمد راڄڙ جون 40 ٻڪريون، تڙ ڪنڀارو ۾ جعفر راڄڙ جو هڪ اٺ مري ويو آهي ۽ ڪيترائي ڍور بيمارين ۾ ورتل آهن. ڪمشنر سکر ڊاڪٽر نياز عباسي، ڊپٽي ڪمشنر خيرپور منور علي مٺياڻي، اسسٽنٽ ڪمشنر نارا حق نواز شر، ماتحت ملازمن، صحت ۽ لائيو اسٽاڪ جي ڊاڪٽرن سميت چوپائي مال ۽ ماڻهن جي بيمارين جون دوائون کڻي ٿر پهتا ۽ هنگامي بنيادن تحت صحت، روينيو ۽ لائيو اسٽاڪ ڊاڪٽرن جون گڏيل ٽيمون اڇڙي ٿر جي علائقن قادن واري ون، قادن واري ٽو، پندرهيو ون، پندرهيو ٽو، جمعون تڙ، باقر شاهه، تڙاهنيار ۽ ٻانهن واري ڏانهن روانيون ڪري ڇڏيون آهن. اڇڙي ٿر ۽ ريگستان جي 14 ديهن ريگستان جبو، دائوجي، الياس واري، ڀٽ ڀونگيءَ واري، ڀٽ ڪنڊڙي، لڌائو، تاج محمد ملو، بخش علي آرادين، گلاب ڀنڀرو، ڪاٺ ڳڙهه، سرحداڻو، ڀٽ ٺارو جي راضو ڀنڀرو ۽ سنتراهو ديهن جي رپورٽ وزيراعليٰ سنڌ کي اماڻي ڇڏي آهي.
ٿرين کي فقير بڻائڻ بدران مستقل طور مسئلا حل ڪيا وڃن: ارباب رحيم
ڪراچي: مسلم ليگ نواز جو اڳواڻ ارباب رحيم پريس ڪانفرنس ڪري رهيو آهي
ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير ۽ مسلم ليگ ن جي ٿر مان چونڊيل ايم پي اي  ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم چيو آهي ته ٿر جي ماڻهن کي فقير بڻائڻ بدران انهن جي مسئلن جو مستقل حل ڪڍيو وڃي .  هن چيو ته ٿر ۾ منرل واٽر منصوبا بندي ڪرڻ بدران  پاڻي جون لائينون ، خوراڪ ۽ دوائون  بچائڻ جو مستقل بندوبست ڪيو وڃي. هن چيو ته ٿر ۾ منهنجن ماڻهن جا مٿا ڦاڙي انهن خلاف ڪيس داخل ڪيا وڃن ٿا، پنج سال اڳ منهنجو به اسيمبلي ۾ مٿو ڦاڙيو ويو هو،  تحفظ ڏنو وڃي ته اسيمبلي وڃڻ لاءِ تيار آهيان . اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالھه   پنهنجي گذري واري رهائش گاھ تي  پريس ڪانفرنس ڪندي ڪئي. هن وڌيڪ چيو ته کيس وزيراعظم ٿر بابت ڪوآرڊينيٽر مقرر ڪيو ويو آهي پر اهڙو حڪم اڃا جاري نه ٿيو آهي .هن چيو ته اهي ذميواريون مليون ته ٿر ۾ اڻڌريو ٿي ڪم ڪندس .هن چيو ته مڪاني حڪومتون هجن ها ناظم ۽ ڪائونسلر هجن ها ته ٿر ۾ رليف جو ڪم آساني سان ٿي سگھي ها، انهن کي موجوده حڪومت ڪرپشن جو سبب ڄاڻائي ختم ڪيو هاڻي پاڻ هتي ڪرپشن جا ابنار لڳائي رهيا آهن. هن چيو ته وفاق کي موجوده سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي تي پڇاڻو ڪرڻ گھرجي . هن چيو ته سندس دور حڪومت ۾ 70 سيڪڙو روڊ ٺهيا ، مٺي پاڻي جون لائينون ڏنيون ويون ، مٺـي ۾ نهري پاڻي ڏنو ويندو هو.
ٿر ۾ 164 ٻارڙا فوت ٿيڻ باوجود ٻارن لاءِ ڌار او پي ڊي قائم نه ٿي
عمرڪوٽ (ڊ ر) ٿرپارڪر ضلعي ۾ 164 ٻارڙن جي فوت ٿيڻ باوجود سرڪاري سطح تي ٿر جي مٺي، ڇاڇرو، ڏيپلو ۽ ننگرپارڪر هيلٿ سينٽرن ۾ ڪٿي به ٻارڙن جي علاج لاءِ الڳ سان ڌار چائلڊ او پي ڊي قائم ڪري علاج ڪرڻ جو سلسلو شرع نه ڪيو ويو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ سوين ٻارڙا ٿر ۾ اڄ تائين علاج جي سلسلي ۾ سخت ڏکيائين ۽ مشڪلاتن ۾ ورتل آهن. سڄاڻ ڌرين مطالبو ڪيو آهي ته سنڌ جي مختلف ضلعن مان 30 کان وڌيڪ چائلڊ اسپيشلسٽ ڊاڪٽر ٿر اماڻي حياتيون بچايون وڃن.

No comments:

Post a Comment