Saturday, March 22, 2014

27 مارچ تي واشنگٽن ۾ احتجاج ڪيو ويندو؛ مقصود جي وحشياڻي قتل رياستي ادارن کي وائکو ڪري ڇڏيو: ورلڊ سنڌي ڪانگريس

لنڊن ( پ ر) جسقم جي مرڪزي اڳواڻ مقصود قريشي ۽ سلمان وڌو جو قتل رياستي دهتشتگردي آهي، قومي ڪارڪن شهادتن تي مايوسي بدران حوصلي کي طاقت ۾ تبديل ڪن، مقصود قريشي جي وحشياڻي قتل رياستي ادارن کي وائکو ڪري ڇڏيو آهي، سنڌي ماڻهو تبت سينٽر ڪراچي ۾ ٿيندڙ جسقم جي آزادي مارچ ۽ مقصود خان قريشي جي جنازي ۾ وڌ کان وڌ شريڪ ٿي دنيا کي ٻڌائين ته رياستي دهشتگردي قومي ڪارڪنن جي آزادي واري جذبي کي روڪي نه ٿي سگھي. اهڙو اظهار ورلڊسنڌي ڪانگريس جي چيئرمين ڊاڪٽر لکومل لوهاڻو، سينئر وائيس چيئرمين فرحان سومرو، سيڪريٽري جنرل روبينا شيخ، ڊاڪٽر هدايت ڀٽو، انفارميشن سيڪريٽري علي ميمڻ پاران پنهنجي پريس پڌرائي ۾ ڪيو، هنن وڌيڪ چيو ته مقصود قريشي ۽ سلمان وڌو جي قتل جي جانچ دنيا جي بين القوامي ادارن کان ڪرائي وڃي.
مقصود قريشي ۽ سليمان وڌو جي قتل خلاف 27 مارچ تي واشنگٽن ۾ احتجاج ڪيو ويندو
ڪراچي (ع آ نيوز) شهيد مقصود قريشي ۽ سليمان وڌو جي بي رحماڻي قتل خلاف آمريڪا م رهندڙ سنڌين 27 مارچ تي واشنگٽن ۾ آمريڪا جي اسٽيٽ دپارٽمينت آڏو احتجاج ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، ٻئي پاسي نيويارڪ مان حبيب ڀُٽي پاران جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب نيويارڪ ۾ شهيد مقصود قريشي ۽ سليمان وڌو جو تڌو وڇايو ويو آهي، جتي نيويارڪ ، نيو جرسي ۽ ڀرپاسي ۾ رهندڙ سنڌين اچي ڏک ونڊيو.

No comments:

Post a Comment