Tuesday, March 25, 2014

23 مارچ جسقم ريلي عقل جو خدا رُسي ته مت کسي - وينگس

پاڪستان 23 مارچ ڏهاڙي تي سنڌ جي گادي جي شهر ڪراچي ۾ نڪتل ريلي جنهن ۾ سنڌي عوام غير جمهوري قوتن کي پنهنجون اکيون ڏيکاريون ته سنڌ غير آئيني، غير قانوني ۽ غير جمهوري حرڪتون قبول نه ڪندي.
ان حقيقت کان ڪير به انڪار نه ٿو ڪري سگهي ته سنڌي عوام قومپرست پارٽين کان وٺي وفاق پرست پارٽين تائين سڀني جو ساٿ ڏيندي پئي اچي. 23 مارچ تي جسقم جي ريلي اوستائين ڪامياب نه ٿئي ها جيڪڏهن سنڌ جو عوام شامل نه ٿي ها پر سنڌ جو عوام هڪ ڀيرو ٻيهر 23 مارچ جسقم جي ريلي ۾ شامل ٿي هڪ ڀرپور جواب ڏنو ته هي قوم موئن جي دڙي، سامي ۽ شاهه سائين جي وارث آهي.
اها ڪنهن به ريت تشدد ۽ ناانصافي قبول نه ڪندي. 23 مارچ جي ڏهاڙي، رياستي مشينري سڪيورٽي فراهم ڪئي ته جيئن ڪا خراب صورتحال نه پيدا ٿئي.
جسقم جي ريلي کي سڪيورٽي فراهم ٿي ۽ سنڌ پوري جلسي ۾ شامل هئي پوءِ جسقم آخر ڪهڙي سبب ريلي ۾ آيل سنڌي عوام سان اهڙو حشر ڪيو؟ سنڌي قومپرست پارٽين کي پنهنجي مٿان تنقيد ۽ ان جي اصل فهم کي سمجهڻ جي سخت ضرورت آهي.
جنهن مقصد خاطر انهن پير اڳتي ڪيا آهن اتي صرف ۽ صرف ڪنڊ سان ڀريل راستا آهن. هاڻي جيڪڏهن ڪير اهو چئي ته گلن جي راهه تي هلي ڪري توهان کي پنهنجو مقصد ملي وڃي ته پوءِ توهان پاڻ کي اڻڄاڻن جي جنت ۾ رکيو آهي ان کان ٻاهر نڪري ڪري حقيقت کي تسليم ڪيو.
شهيد سلمان وڌو ۽ مقصود قريشي جي مٿان وار صرف هڪ مخصوص پارٽي تي نه هو. 23 مارچ تي سنڌي عوام شامل ٿي ڪري پيغام ڏنو ته هي وار سنڌي عوام جي مٿان آهي.
ان جي موٽ ۾ جسقم پنهنجي ريلي ۾ سنڌي عوام ۽ دنيا کي ڪهڙو پيغام ڏنو؟ اسان کي افسوس آ ته ڪنهن هِن ريلي تي ٿيندڙ تقرير  ۽ جنازي جي نمازي پڙهي وئي ان تي تنقيد جائزو به ورتو هو؟
جسقم جي پارٽي کي محسوس ٿيڻ گهرجي ها ته جيڪا ريلي اهي ڪري رهيا آهن انهن جي ڪلهن تي جنازه پيل آهن، جيئن انداز بيان يعنيٰ تقرير هجڻ گهربو هو اهو نه هو. ائين لڳو ڄڻ عوام کي ريسرچ پيپر پئي پڙهي ٻڌايو ويو ڇا سنڌ کي خبر ناهي ته پاڪستان کي هلائيندڙ ئي سنڌ آهي. تقرير ۾ پيش ڪيل لفظن جي وزن ۽ ردعمل کي به محسوس ٿيڻ گهرجي ها ته آخر اسان هڪ پليٽ فارم تان ڇا ۽ ڪيئن ڳالهه ڪيون پيا؟
اسان کي سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته آخر اهڙي تقرير ڪنهن لکي، جنهن کي لفظن جي اهميت جي به خبر نه هئي؟
جسقم سنڌ جو ڪهڙي انداز سان ڪيس رکيو؟ ون ۽ ٽو چوندڙن کي جواب ڏنو ويندو اهو ئي موقف جسقم وارن جو هو پوءِ انهن ڪهڙي انداز سان بيان ڏنو. اسان سمجهون ٿا ته پريشر ٿي سگهي ٿو پر ڪهڙي پريشر جي ڳالهه ڪيو ٿا جڏهن توهان جي ڪلهن تي اڳ ئي جنازه موجود هئا پوءِ ڇا جو پريشر ؟
هڪ پاسي تقرير جو اهڙو حال ته مٿان وري جلسي گاهه تي جنازي نمازي پڙهي وئي؟ سياست جو مذهب سان ڪو واسطو ناهي هوندو. جسقم جو پورو حق آ ته اهي احتجاج ڪن ۽ جنازي جي نماز دفنائڻ وقت پڙهي وڃي ها پر جلسي گاهه ۾ جنازي جي نماز پڙهي، آخر اُنهن سڄي دنيا کي ڪهڙو پيغام ڏنو؟ سنڌ مذهبي ناهي رهي پوءِ جسقم اهو قدم ڪنهن جي چوڻ تي کنيو؟ سنڌ جي رڳن ۾ موئن جي دڙي جي سڀيتا دوڙي ٿي ۽ جلسي ۾ پوري سنڌ شامل ٿي هئي ڇا هي جلسو صرف جسقم وارن جو هو. اُنهن کي نه وسارئڻ گهربو هو ته سنڌ آيل آهي. انهن سياسي غلطي ڪندي جلسي ۾ جنازي جي نمازي پڙهي، جسقم پارٽي طور تي ڪجهه به ڪري سگهي پئي جڏهن سنڌ جلسي ۾ شامل ٿي ته پوءِ ائين نه ڪرڻ گهربو هو.
ان نقطي تي سنڌي قومپرستن کي سوچڻ گهرجي ته آخر اهي ڇا پيا ڪن؟ عقل جو خدا رُسي وڃي ته پوءِ مت به کسجي ويندي آهي. جڏهن قومن جا ڪيس کڻي اڳتي وڌو ٿا ته پوءِ ڪجهه سوچي سمجهي قدم کڻو.

No comments:

Post a Comment