Saturday, March 22, 2014

سکر، روهڙي، پنو عاقل، صالح پٽ، ڪنڌرا ۽ ٻين شهرن مان قافلا ڪراچي لاءِ روانا

سکر/پنو عاقل (رپورٽر + نمائندا) جيئي سنڌ قومي محاذ جي اڳواڻ مقصود قريشي ۽ سلمان وڌو جي قتل خلاف سنڌ جي ٻين شهرن جيان سکر ۾ ٻئي ڏينهن به ڪيترائي علائقا سوڳ ۾ بند رهيا جيئي سنڌ قومي محاذ جي اڳواڻ مقصود قريشي ۽ سلمان وڌو جي قتل خلاف سنڌ جي ٻين شهرن جيان سکر ۽ ڀرپاسي وارا ڪيترائي علائقا سوڳ ۾ بند رهيا، جڏهن ته جسقم ڪارڪنن پاران اڄ ڪراچي ۾ ٿيندڙ فريڊم مارچ ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ بهار ڪالوني، قريشي ڳوٺ، پراڻو سکر، بچل شاهه مياڻي، ڪنڌرا، روهڙي، صالح پٽ، پنوعاقل سميت ٻين علائقن مان ڪيترائي قافلا روانا ٿي ويا، ان موقعي تي اڳواڻن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته جسقم اڳواڻ مقصود قريشي ۽ سلمان وڌو جي قاتلن کي فوري طور گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي، ٻئي ڏينھن به جسقم پنوعاقل جي صدر لالا شعبان سنڌي جي اڳواڻي ۾ گلشن فاروقي اعظم ڪالوني کان قومي شاھراھ بائيجي چوڪ مرڪزي عيد گاھ چوڪ شاھي بازار ڀٽائي چوڪ کان پريس ڪلب روڊ وٽ پھچي پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو ويو، احتجاجي مظاھري ۾ وسيم سومرو،وحيد چاچڙ۽ ٻيا موجود هئا.

No comments:

Post a Comment