نصير الدين شاهه پاران ٺٽي ۾ تاريخي آثارن جو دورو
ٺٽو: هندستان جو مشهور اداڪار نصير الدين شاهه پنهنجي فيملي سان گڏ پاڪستان جي دوري دوران هڪ ڏينهن جي دوري تي ٺٽي پهتو ۽ مڪلي جي مشهور درگاهه حضرت عبدالله شاهه اصحابي جي حاضري ڀري چادر چاڙهي. ان موقعي تي هن شهرين سان پڻ ملاقات ڪئي. جڏهن ته صحافين کي سندس دوري کان بي خبر رکيو ويو. اداڪار نصير الدين شاهه ٺٽي جي تاريخي قبرستان مڪلي ۾ موجود تاريخي آثارن جو پڻ دورو ڪيو ۽ بعد ۾ ڪراچي روانو ٿي ويو. سندس سيڪيورٽي جو سخت انتظام ڪيل هو.
No comments:
Post a Comment