Saturday, March 1, 2014

صدين جي صدا شيخ اياز - غلام مصطفيٰ سولنگي

                  يا رب!
                  مون کي ايترا شعر ڏي، جيترا ليار جي وڻ ۾ ليار هوندا آهن.
                  يا رب!
                  مون کي اهڙا گيت ڏي جي اڃا پکين نه ڳاتا آهن. ۽ جڏهن ابا بيل اسرجو اڏامن ته ساري فضا کي منهنجن گيتن سان گوجندو ڏسن.
                  هد هد ۽ ڪاٺ ڪٽا انهن کي سٽن سان رنگ توڙي پرواز ۾ پڄي نه سگهن.
                  يا رب!
                  گلاب جي سونهن ۽ رابيل جي سڳنڌ، منهنجي شاعريءَ سان ريس ڪري.
                  يا رب! مون کي پاٽوليءَ جا هٿ ۽ ويجهر جون اکيون ڏي ۽ انهن جي ساري ڪيفيت منهنجي شاعريءَ ۾ آڻ.
  يا رب!
  مون کي نهٺي هٺ سان نواز! منهنجي آواز کي ڪويل جو ميٺاج ڏي، جنهن کي آکيري جي اون نه هوندي آهي، ۽ ڪوڪ ئي جنهن جو سارو سرمايو هوندي آهي.
  هيءَ صدا اڄ ڪلهه جي نه، پر صدين جي صدا آهي. هيءَ ان مهان هستيءَ جي دل جي پڪار آهي، جنهن کي دنيا شيخ اياز جي نالي سان سڃاڻي ٿي. شيخ اياز هڪ نه ختم ٿيندڙ دور ۽ جنهنجي امرت ڏات جا ڪڪر صدين تائين ڇانيل رهندا.
  جيئن پاڻيءَ کي رنگت، هوا کي گرفت ۽ خوشبوءِ کي ڪا شڪل ڪانهي، تيئن اياز جي شاعريءَ جون به ڪي حدون ڪونهن. سندس سموري شاعريءَ ۾ سنڌ ۽ سڄي ڪائنات آباد آهي. هو ڪائنات جو شاعر آهي ۽ شاعري سندس امرتا آهي.
  اسان سڀني کي سنڌ ڌرتيءَ جو احسانمند هجڻ گهرجي، جنهن شيخ اياز کي جنم ڏئي، سندس من کي پنهنجي مهڪ ۽ ساڀيا سان جرڪائي ڇڏيو. قدرت کيس اهڙي ڏات سان نوازيو، جيڪا جڳن جي تلاش ۽ جستجو کان پوءِ ڪنهن ڀاڳ واري جي حصي ۾ ايندي آهي.
  سنڌ جي لازوال عظمتن کي اياز پنهنجي غيرفاني تخليقن تجربي، آزمودي، مشاهدي ۽ وسيع مطالعي سان نه رڳو اڳتي وڌايو، پر ڪيترن ئي ذهنن کي وسعت ۽ مهانتا بخشي، منجهن جوش، جذبو ۽ امنگ پيدا ڪئي. هو سنڌي شاعريءَ جو نرالو ۽ منفرد شخص هيو، جنهن پنهنجي لافاني ڏات وسيلي سچن احساسن جا اهي ڏيئا ٻاري ڇڏيا جن کي ڪو به طوفان هرگز وسائي نه ٿو سگهي.
  جيتوڻيڪ شيخ اياز هن وقت اسان سان گڏ ناهي، پر سندس نالو، اسان جي ذهنن ۽ دلين سان گڏ فضائن ۾ پڻ گوجندو رهي ٿو. سندس شاعري تاريخ بنجي چڪي آهي، سنڌي ماڻهن جي سڪ ۽ پيار جي تاريخ سنڌ جي رنگارنگي ورثي جي تاريخ، ها ! اهڙي تاريخ جنهن شيخ اياز جي شاعريءَ تي ابد تائين امرتا جي ڇاپ هڻي ڇڏي آهي.
  هڪ هنڌ مولانا گراميءَ لکيو هو ته:
  ” اياز سنڌ جي آسمان تي اڀريو ۽ چوڏهينءَ جي چنڊ وانگر چمڪيو. اڄ هر طرف اياز جي عظمت جا جهنڊا ڦڙڪي رهيا آهن.“
  شيخ مبارڪ علي اياز، جنهن خاندان ۾ پيدا ٿيو. سو شڪارپور جو مشهور شيخ خاندان آهي سندس ولادت غلام حسين شيخ جي گهر ۾ 2 مارچ 1923ع تي ٿي. سندس نالو مبارڪ علي، راڻي پور جي پير سيد صالح شاهه جيلانيءَ رکندي چيو هو، ” هي نينگر بي حد ذهين ۽ خوشحال ٿيندو. سندس نالو دنيا ۾ سج وانگر چڪمندو رهندو.“
  مبارڪ علي جڏهن پنجن ورهين جو ٿيو ته کيس والد ڪاٺ جي ڦرهي، ڪلڪ ۽ ڪاري مس ڪُپڙي وٺي ڏني ۽ محلي جي ” هندو سنڌي اسڪول نمبر ٽئين“ ۾ داخل ڪرايو. مبارڪ عليءَ جي داخلا جو فارم سندس والد غلام حسين شيخ پنهنجي هٿن سان پاڻ ڀريو.
  مبارڪ علي پرائمري تعليم جي حصول کان پوءِ انگريزي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ 10 اپريل 1934 تي نيو ايرا هاءِ اسڪول شڪارپور ۾ داخلا ورتي. کيئلداس فاني ۽ مسٽر هاسانند پرسواڻيءَ جهڙا ڏاها ۽ ذهين استادن ان اسڪول ۾ پاڙهيندا هئا. هنن اياز جي تخليقي صلاحيتن کي گهڻو اڳتي وڌايو. انهن ئي ڏينهن ۾ بهاري لال هري رام ڇاٻڙيا ”سدرشن“ رسالو شڪارپور مان جاري ڪيو. رسالي ” سدرشن“ جي جنوري فيبروري 1938ع جي سالياني پرچي ۾ مبارڪ علي شيخ جو ” مرد خدا“ جي عنوان سان پهريون شعر ڇپيو:
نه غم دنيا جو آ ان کي، نه دنيا کان ڪنارو آه،
نه ڏيڻو آه، نه وٺڻو آه، نه حيلو آه نه چارهو آه.

نه پنهنجن سان محبت آه، نه نفرت غير سان ان کي.
سڀن ۾ ذات حق ڏسڻو، اهو ان جو نظارو آه.

نه آهي شاد شاهيءَ ۾، گدائي ۾ نه غم ان کي،
جو آهي سوئي آه بهتر، اهو ان جو نظارو آه.

ڪفر اسلام کان فارغ، نه ملت غرض سان ان کي،
نه هندو آه ڪي مسلم، سڀن کان پنٿ نيارو آه.
  مبارڪ علي اياز جو اهو پهريون شايع ٿيل شعر آهي، جنهن لاءِ هو لکي ٿو ته : ” سدرشن ۾ شايد ٿيل منهنجي غزل جي تخليق به هڪ عجيب تجربو هئي. انهن ڏينهن ۾ مون شڪارپور جي جماڻي هال لائبريريءَ مان سوامي رام تيرٿ جون اردوءَ ۾ ڇپيل ڊائريون پڙهڻ لاءِ ورتيون هيون مون اهي ڊائريون چوويهه ڪلاڪ سانده پڙهيون هيون ۽ مون کان کاڌو پيتو به وسري ويو هو. اها ڪيفيت اڃا جاري هئي ته اوچتو مون کي هڪ غزل سجهي آيو.“
  شيخ اياز نيو ايرا هاءِ اسڪول ۾ تعليم حاصل ڪرڻ دوران شاعريءَ جي باقاعدي تربيت پنهنجي استاد کيئلداس فانيءَ کان حاصل ڪندو رهيو. فاني صاحب پنهنجي دور جو ناميارو شاعر ٿي گذريو. شيخ اياز سندس شخصيت ۽ شاعريءَ جي اعتراف ۾ پنهنجي نظم ۽ نثر جي ڪيترن ڪتابن ۾ گهڻو ڪجهه لکيو آهي:
فاني! او فاني! لافاني مون لاءِ تون،
تون جو طوفاني، آهين منهنجيءَ ڏات ۾.
  شيخ اياز جو ڪلام سندس ننڍپڻ ۾ ئي وڏن وڏن رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيڻ لڳو. سندس ٻيو شعر ماهوار رسالي ” سنڌوءَ“ جي نومبر 1938 جي شماري ۾ شايع ٿيو هو:
لڏي لامن تي لٽڪي مان، عجب ڪوئل ترانو آ،
”پيا پيا“ پريم مان ٻولي، پپيهي شادمانو آ،
ڪري گفتار گا ڏيرڻ چيو ” ماضي فسانو آ،
چمن ۾ چوڄ مان بلبل برهه جي بات، وه وه وه،
اڙي برسي آ برسن کان وري برسات، وه وه وه.
  ان کان پوءِ شاعري ۽ اياز هڪ ٿي ويا ۽ مرڻ گهڙيءَ تائين شيخ اياز شاعريءَ سان ۽ شاعريءَ شيخ اياز سان خوب نڀايو.
  ڪاليج وارن ڏهاڙن ۾ ئي شيخ اياز پنهنجي شاعريءَ جا ٻه مجموعا تيار ڪري ورتا هئا. سندس اهي ٻه مجموعا ” خواب و خيال“ ۽ ” باهه جي بينسري“ جي نالي سان هئا، جيڪي ڇپجي نه سگهيا هئا، پر انهن شعري مجموعن جا گهڻا تڻا شعر ” ڀوئنر  ڀري آڪاس“ ۾ آيل آهن:
هلي آ ڪٿي، جهوپڙي ڪا بنايون،
جتي نغمئهِ عشق، هر وقت ڳايون،
مبارڪ اتي زندگاني وڃايون،
جتي راڳ آ، چاندني آ، پيار آ،
ڪٿي تون، ڪٿي مان،
بهار آ، بهار آ.
  شيخ اياز ان زماني ۾ شعر و شاعريءَ کان سواءِ ڪهاڻيون به لکندو هيو. سندس پهرين ڪهاڻي اوڻويهن ورهين جي عمر ۾ شايع ٿيل ملي ٿي، جيڪا ” سهڻي سير ۾“ جي عنوان سان ماهوار ” سنڌو“ رسالي جي سيپٽمبر 1942ع جي شماري ۾ شايع ٿيل آهي.

No comments:

Post a Comment