هندو ڌرم جو رسمي ڏڻ
سن 300ع کان 700ع تائين جو زمانو هندو پرانن جو دور ليکيو وڃي ٿو، ڇاڪاڻ ته ان عرصي ۾ 18 پران لکيا ويا، اهو ئي دور هو جڏهن جديد هندومت جو بنياد پيو. پرانن جي پرتوي مان پتو پوي ٿو ته هن دور ۾ ٽي مورتي (تريمورتي) هندستان جا سڀ کان وڏا معبود آهن، جنهن کي ٽن صفتن آڌار برهما-وشنو ۽ شيوا جي نالن سان ويدانت جي فڪر هيٺ تصور ڪيو وڃي ٿو.هن وحداني لاڙي تي هلندڙ مها پُرش ڀڳت پهلاد پنهنجي پِتا کي ڀڳوان مڃڻ کان انڪار ڪندي سندس هر سِتم سٺو پر هيڪڙائي واري حق جي هوڪي تان تِر جيترو به نه هٽيو.
ايڪ هي اڪائي ايڪ
ظاهر رُوپ انيڪ
هندو ڌرم جي ڌرمي پراڻن مان ”وشنو پراڻ“ ۾ هولي ڏڻ جي ڪٿا اپٽار آهي ته هرڻا ڪشپ هڪ خود سر راجا هو جيڪو بي اولاد هو، انهي مراد پائڻ لاءِ هن ڪَٺَن تپ ڪيا نيٺ هن جي تپسيا سڦل ٿي ۽ ڀڳوان کيس درسن ڏنو، ڀڳت هرڻا ڪشپ ڀڳوان کان وردان ۾ سُپتر ۽ لافاني طاقتِ حيات گهري جيڪا کيس ڀڳوان آسيس ڏني.
اهڙي وردان پائڻ بعد ڀڳت هرڻا ڪشپ غُرور ۾ اچي ويو ۽ رعيت تي وڌيڪ راڪشسي قهر ڪرڻ لڳو ته ”آئون ڀڳوان آهيان، منهنجي پوڄا ڪريو“رعيت مٿان ڀڳت هرڻا ڪشپ جا ظلم جاري رهيا ۽ هرڻا ڪشپ پاڻ کي ڀڳوان مڃائڻ جي دعويٰ تي بضد رهيو.
ڀڳوان جي لِيلا اَپَرم پار آ،
ڀڳت هرڻا ڪشپ جي پتني سچي ڌرم جي پوڄارڻ هئي، ڀڳوان جي وردان انوسار کيس سُپتر ڀڳت پهلاد جنميو ٻالڪ پهلاد جڏهن پڙهڻ خاطر پنڊتن وٽ موڪليو ويو ته اتي ٻالڪ پهلاد کي گُرو گيان ڏيندي ڀڳت هرڻا ڪشپ کي ڀڳوان مڃڻ جو ۽ ان جي پوڄا ڪرڻ جو پاٽ پاڙهڻ شروع ڪيو، ٻالڪ پهلاد اهڙي آڌرمي پاٺ پرائڻ کان نابري واري، هاڻي ڌرم ۽ اڌرم جي يُڌ پِتا ۽ پُتر وچ ۾ شروع ٿي وئي.
ڀڳت هرڻا ڪشپ ڪِروڌَ ۾ اچي ويتر ڪَٺورُ ٿي ويو ۽پنهنجي پُتر تي انيڪ اَتِياچار ڪرڻ لڳو، پهلاد ڀڳت کي پهاڙ جي چوٽيءَ تان هيٺ اُڇلايو ويو ليڪن ڀڳوان وشنو کيس بچائي ورتو، هري-هر.
ڪِروڌ ۽ غُرورَ جي انڌ ۾ ورتل هرڻا ڪشپ وڌيڪ قهر ڪندي پهلاد کي زهر پياريو جيڪو ڀڳت پهلاد امرت جيان اوتي ويو، اهو پڻ وشنو ڀڳوان پي ڇڏيو ۽ پهلاد جو وار به نه وِصليو. ايترين اذيتن، سختين ۽ ظلمن باوجود ڀڳت پهلاد جي من ۾ مونجهه نه آئي، نه ڀُليو، نه ڀٽڪيو ۽ نه ئي حق جي واٽ تان هٽيو.
ساجن ميرا ايڪ هي، دُوجا ڪَرون نه ڪوءِ
دُوجا ساجن تَب ڪَرون، جَبُ ڪَل دُوجي هوءِ
پهلاد ڀڳت جو ڌرم جي راهه تي پختو بيهڻ هرڻا ڪشپ جي ڪروڌ، اهنڪار ۽ ڪٺورتا کي وڌيڪ اُڀار ڏنو ۽ هيءَ سخت ڪروڌ ڪارڻ مونجهاري ۾ اچي ويو ته آخرڪار اهو ڇا ڪريان جو پهلاد هميشه لاءِ ختم ٿي وڃي، اهڙي مونجهاري کي حل ڪرڻ لاءِ هرڻا ڪشپ پنهنجي ڀيڻ هولڪا ماتا (جيڪا خود اگني هئي) سان مشورو ڪيو ۽ پهلاد کي ختم ڪرڻ لاءِ سِٽا سِٽي، هو لڪا ماتا سُجهاءُ ڏنو ته آئون جيئن ته خود اگني آهيان، انهي ڪارڻ اگني مون کي ڀَسم نه ڪري سگهندي تنهن ڪري آئون پهلاد کي پنهنجي جهوليءَ ۾ جهلي ويهان ٿي توهان اگني آڙاههُ مچايو جنهن ۾ پهلاد سڙي ڀسم ٿي ويندو ۽ آئون سلامت ٻاهر اچي وينديس ۽ اوهان جي عاقبت رهجي ويندي، هولڪا ماتا جي اهڙي سُجهاءَ تي هرڻا ڪشپ هڪدم عمل ڪرڻ لاءِ آماده ٿيو، هيءُ ڪٿا هڪ طرف هڪ ڀٽڪيل ڀڳت ۽ ڪِروڌَ جي ڪاريهر تي سوار ڪَٺورُ اهنڪاري جي اهنڪار جي آهي ته ٻئي پاسي نِرملتا، نِهٺائي ۽ ڀڳتي جي سڦلتا جي انڊلٺي رنگن سان رنڱيل راحتن جي سدا بهار ابدي ايڪي جو اهڃاڻ پڻ آهي.
بِرههُ بُرامِت ڪوڪَهي، بِرهه هَي سُلطان
جِس گَهٽِ بِرهه نه سَپَجي، او گهٽ هي مستان
اگني آڙاهه تيار ڪيو ويو هو لڪا ماتا پنهنجي ڀاءُ جو ڪشٽ دُور ڪرڻ لاءِ پهلاد کي پنهنجي ڀاڪر ۾ آڻي اچي چکيا وچ ويٺي ڏسندي ئي ڏسندي هولڪا ماتا سڙي ڀسم ٿي وئي، رک بڻجي وئي ۽ پهلاد ڀڳت اگني آڙاهه مان به صحيح سلامت ٻاهر اچي ويو، اهڙي ڪَٺن ڪشٽ مان سَڦلتا ماڻڻ جي خوشيءَ ۾ لوڪن جون دليون بسنتي رنگن جيان موهت ڪندڙ جل ترنگ جا روپ بڻجي جهومي پيون ۽ هڪٻئي کي واڌايون ڏيڻ لڳا ۽ روپ کي رنگن رنگولي بڻائي هوليءَ جي تهوار کي يادگار بڻائي ڇڏيو.
هولي تهوار هندو ڌرمڪ پران ”وشنو پران“ جي انوسار هر ورش مارچ تي ملهايو ويندو آهي، جنهن ۾ وشنو ڀڳوان جي جئي جئي ڪار ٿيندي آهي ۽ انهيءَ زماني ۾ پيش آيل هن وارتا کي تازو ڪرڻ لاءِ ڪاٺيءَ جي ڏنڊي کي پهلاد ڀڳت جي علامت طور زمين ۾ کوڙي ان جي چوڌاري گول دائري جي شڪل ۾ ڪنڊي دار وڻن جون سُڪل ڊنگهريون ۽ ڪانڊيرا رکيا ويندا آهن، جنهن جي چوڌاري عورتون رنگين ڌاڳو ڦيريندي سَتَ چڪر ڏينديون آهن، هن رسم موجب اهو ضروري ناهي ته عورتن جو انگ ڪيترو هجي، هر هڪ عورت پنهنجا ست چڪر پورا ڪندي آهي، ناريل ڀينٽ ڪيا ويندا، مخصوص منترن جي پڙهڻ سان پوڄا ڪئي ويندي آهي، ان بعد باهه ڏني ويندي، عقيدي موجب باهه ۾ ٻيون سڀ ڪاٺيون سڙي وينديون آهن پر ڀڳت پهلاد جي علامت طور لڳل ڪاٺيءَ جو ڏنڊو صحيح سلامت هوندو آهي، اهڙي معجزي جي نمودار ٿيڻ تي گڏ ٿيل سمورا ماڻهو، هري-هر، ايشور-رام-وشنو ڀڳوان ڪرشن ڀڳوان جي شبدن وارا نعرا هڻندا ۽ پوءِ بسنتي رنگن سان هڪٻئي کي رنڱيندا آهن، اهڙي ريت هيءَ روايت هزارين سالن کان هندو ڌرم جا پيروڪار قائم رکيو اچن ٿا. هندو ڌرم جي هن رسمي تهوار جو حاصل مطلب اهو آهي ته وحدانيت تي پختو ايمان رکندڙ ڪامل ايمان واري کي دنيا جو وڏي ۾ وڏو ظلم، جبر، ڏاڍ ۽ بربريت به حق ۽ سچ جي راهه تان هٽائي نٿو سگهي، ڪَٺن آزمائشن مان سڦلتا ماڻڻ بعد دنيا ۾ امن، پيار ۽ رواداري جا رنگ روشن ٿين ٿا. هولي علامت آهي حق جي فتح جي، هولي اهڃاڻ آهي مقصديت سان محبت جي انتها جي، هولي ڏڻ آهي ڪِروڌ، ڪِيني ۽ غُرور کي غرق ڪرڻ جو، هولي تهوار آهي نرملتا، نهٺائي ۽ ست (سچ) ساکائتي سڦلتا جي سُندرتا جا انڊلٺي رنگ ڌرتيءَ ماتا جي سيني تي وکيرڻ جو، وحداني طاقت ۽ روحاني جوتيءَ جي جوت کي جڳت ۾ جرڪائڻ جو درس آهي هولي تهوار.
ساجن آيا هم سنيا، ڪيا لِي چَلُون ساٿ
سِيس اُتاري پَئي ڌرُون، ميري اي بِسرات
No comments:
Post a Comment