Wednesday, March 12, 2014

ٿر کي ”وقتي آڪسيجن“ بدران پيرن تي بيهاريو! - شاهد خاصخيلي

رات جا 10 ٿيا هئا، هر طرف اونداهي ئي اونداهي هئي، نئين ڪوٽ کان مٺيءَ لاءِ نڪتاسين، گاڏيءَ مان ٽارچ هڻي ڏٺيسين ته، وارياسيون ڀِٽون شروع ٿي ويون هيون. پوليس جي ٽن ٽن گاڏين جي پروٽوڪول ۾ تيز رفتار لينڊ ڪروزر ۽ پراڊو گاڏيون اسان کي ڪراس ڪن ٿيون پر اڳيان هلي گاڏين جي اسپيڊ گهٽجي ٿي وڃي ۽ پوليس موبائلون سائرن وڄائڻ شروع ڪن ٿيون ۽ ٽي چار اهلڪار گاڏين مان هيٺ لهي هٿيار تاڻي بئراجي علائقن ڏانهن مال ڪاهي ٿر واسين کي ٽارچن جي مدد سان جلدي جلدي هڪ پاسي ٿي وڃڻ جا اشارا ڏين ٿا ۽ پوءِ هڪ عورت ۽ 2 ٻارڙا ڍڳين کي لٺيون هڻي هڪ پاسي ڪن ٿا، جنهن بعد صاحبن جون گاڏيون وري ساڳي اسپيڊ سان روانيون ٿي وڃن ٿيون، عورت ۽ ٻارڙا لوڻو ڦيري گاڏيءَ کي ڏسي ٻيهر مال کي ”ههه، ههه” ڪندا پنهنجي منزل ڏانهن ڪاهين ٿا، رستي ۾ هلندي اسان 15 کان 20 اهڙا قافلا ڏٺا، هڪ جاءِ تي اسان به بيهي رهياسين. اماوس رات دوران ڀِٽن جي وچ ۾ بيٺي هر طرف مال جي چَڙن جا آواز هئا ۽ مالوندن جون ڳٽڪارون! روانا ٿيا ته، منهنجي دوست چيو: پاڻ ڪيڏانهن پيا هلون، ٿر جا ماڻهو ته سڀ هليا ويا، پويان باقي ڪير بچيو آهي؟ مون وراڻيو: ”پاڻ ته آهيون؟“
ٿر ۾ هِي ڪو پهريون ڏُڪار ناهي، جو اُتان جي ماڻهن کي اها امداد جي آڪسيجن ڏئي کين زنده رکڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هجي پر وري به شابس آهي انگريز سرڪار کي، جيڪا ڏُڪارن کي ڊڪليئر ڪرڻ جو گَس ته ڏئي وئي، نه ته ڏُڪارن کي ”ٿرين جي روايتي لڏ پلاڻ سڏيندڙ“ چونڊيل نمائندا امداد پهچائڻ جي ذميوارين کان به پاڻ کي شايد آجو قرار ڏين ها. هونئن ته ٿر گرينائيٽ، چائنا ڪلي، گئس ۽ ڪوئلي جي معدني وسيلن سان مالا مال آهي پر ان هوندي به ٿر واسين جي گذر سفر جا 2 وڏا وسيلا هڪ زراعت ۽ ٻيو چوپايو مال ئي رهندا آيا آهن. برساتون وسن ته ٿريا ٻاجهر، گوار ۽ ٻيا اناج پوکي پنهنجي اڌوري جيئاپي جو بندوبست ڪن، نه ته سندن گذر سفر جو واحد وسيلو چوپايو مال ئي آهي، پر مال پالڻ جا روايتي طريقا کين ڪو جوڳو لاڀ ناهن ڏئي سگهيا.
نواز شريف جو تختو اونڌو ڪندڙ مشرف دور جي ان وقت جي وزير اعليٰ ارباب غلام رحيم، (جنهن کي هاڻ ٿر ۾ رليف سرگرمين جو وزير اعظم نواز شريف پاران ڪو آرڊينيٽر مقرر ڪيو ويو آهي) جڏهن شوڪت عزيز کي ٿر مان اليڪشن کٽرائي ته، ان وقت ٿر لاءِ هڪ ارب رپين جي پيڪيج جو اعلان ڪيو ويو هو، جنهن رقم کي خرچ ڪرڻ لاءِ سنڌ سرڪار سمورن کاتن کان تجويزون طلب ڪيون، جنهن ۾ لائيو اسٽاڪ اينڊ اينيمل هسبنڊري کاتي جي ماهرن پڻ تجويزون ڏنيون هيون. اهڙي سمري جوڙيندڙ ان وقت جي هڪ ماهر ڊاڪٽر مون کي ٻڌايو هو ته، سنڌ جي وڏي وزير اها سمري رد ڪري ڇڏي. مون جڏهن کانئس پُڇيو ته، ”ڇا هو سمريءَ ۾؟“ ته هن وراڻيو: ”اسان سي ايم صاحب کي سمري ڏيندي بريفنگ به ڏني ته، ٿر جي ماڻهن جو گذر سفر جو وڏو وسيلو چوپايو مال ئي آهي، ان ڪري سائنسي طريقن کي استعمال ڪندي اسان ٿري ڍڳي ۽ بلوچستان جي ڀاڳناڙي نسل جي ڍڳن مان هڪ نئين جنس جوڙي آهي، جيڪا ٿوري چاري تي به سوا سال اندر جوان ٿئي ٿي ۽ ان جو وزن 4 سئو کان 5 سئو ڪلو گرام ٿئي ٿو، جڏهن ته هن وقت ٿر جا ماڻهو ڳائو مال ته پالين ٿا پر انهن جو ڦر 3 کان 4 سالن ۾ مس مس جوان ٿئي ٿو ۽ ان جو وزن 2 سئو کان اڍائي سئو ڪلو گرام مس هجي ٿو، جيڪڏهن اسان نئين نسل تي ڪم ڪيو ته، ٿر جا ماڻهو ڪراچي، حيدرآباد توڙي پرڏيهه جي مارڪيٽن ۾ پنجاب توڙي ٻين ملڪن جي چوپائي مال جو مقابلو ڪندا ۽ ٿوري عرصي ۾ وڌيڪ ناڻو ڪمائي سگهندا.“ ڊاڪٽر ٻڌايو ته، سنڌ جي وڏي وزير کانئن پُڇيو ته پوءِ ان لاءِ ڇا ڪرڻو پوندو؟ جنهن تي اسان کيس ٻڌايو ته، ”لائيو اسٽاڪ کاتي کي هتي سگهارو بڻائڻو پوندو. تعلقن ۾ وڌيڪ اسپتالون کولي اتي بيمارين کان بچاءَ جي ويڪسينيشن سان گڏوگڏ ”آرٽيفيشل انسيمينيشن“ سينٽر کولڻا پوندا ۽ ڏورانهن علائقن ۾ رهندڙ مالوندن کي اهڙي سهولت پهچائڻ لاءِ ڊاڪٽرن کي گاڏيون ڏيڻيون پونديون“ ڊاڪٽر وڌيڪ ٻڌايو ته، گاڏين جو لفظ ٻڌندي ارباب رحيم طنزيه انداز ۾ چيو ته، ”هاڻ ڍورن جا ڊاڪٽر به گاڏين ۾ هلندا!؟، جنهن کان پوءِ اها سمري رد ڪئي وئي.“ ۽ 11 سال گذرڻ باوجود اڄ تائين ٿر ۾ ان تي عمل ناهي ٿي سگهيو، ها باقي ساڳين ڊاڪٽرن ڪراچيءَ جي ٽول پلازا ويجهو مختلف فارمن تي اهي تجربا جاري رکيا، جن جا مالڪ عيد الاضحيٰ دوران ملڪي توڙي پرڏيهي منڊين مان ڪروڙين رپيا ان نئين جنس جي گابن مان ڪمائين ٿا.
جيڪڏهن انڊيا، چائنا، نيپال ۽ وچ اوڀر جي جابلو پٽن ۽ وارياسن ڀِٽن تي 12 ئي مهينا فصل ٿي سگهن ٿا ته، ٿر ۾ ڇو نه؟ اڄ به جيڪڏهن نارا ڪئنال جي واٽر لاسز کي بچائجي ۽ برساتي موسم دوران ايل بي او ڊي جو پاڻي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪرڻ بدران ٿر ۾ ننڍا ڊيم ٺاهي گڏ ڪيو وڃي، ته ان پاڻيءَ ذريعي ڊرپ توڙي گهڙا اريگيشن ذريعي ٿر جي ڀِٽن تي ڪيتريون ئي ڀاڄيون ۽ ٻيا فصل اُپائي سگهجن ٿا.
ٿر، پنهنجي جاگرافيائي ۽ ماحولياتي سونهن سبب هميشه نظرن جو مرڪز به رهيو آهي، جيڪڏهن ان جي مخصوص علائقن ۾ رهندڙ جهنگلي جيوت جو بچاءُ ڪري ۽ ان ماحول سان مطابقت رکندڙ ٻيا جانور به ڇڏيا وڃن ۽ ان کي نيشنل پارڪ جو درجو ڏئي سياحن لاءِ سهولتون پيدا ڪيون وڃن، ته اُتي روزگار جا نوان وسيلا پيدا ٿيڻ سان گڏوگڏ ڪارن ۽ جيپن مان لهندڙ ماڻهن کان خرچيءَ جي نالي ۾ خيرات وٺندڙ ٻارڙا توڙي عورتون پنهنجي هٿ جا هنر وڪرو ڪري پنڻ کان بچي سگهن ٿا. ساڳيءَ ريت ٿر ڪول پراجيڪٽ جي سلسلي ۾ نوجوانن کي لاڳاپيل ڪمن جي تربيت ڏياري انهن لاءِ به سوين روزگار جا وسيلا پيدا ڪري سگهجن ٿا. انهن سمورن ڪمن کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ مالي وسيلا به ميسر ٿي سگهن ٿا پر کوٽ صرف هڪ ڳالهه جي آهي، اها آهي بهتر حڪمرانيءَ جي!

sh_khaskhali@hotmail.com
courtesy by Daily Kawish Hyderabad
March 12th, 2014

No comments:

Post a Comment