توکي ڪيئن وِسارجي او سِر جا سائين؛
تون ته اکڙين ۽ پَلڪُن جي وچ ۾ پَلين ٿو،
جي کوليان ته آن نگاهن آڏو تون هي تون؛
جي بند ڪيان ته خيالن ۾ تون هي تون.
توکي ڪيئن وِسارجي او سِر جا سائين؛
تون ته ساهَن جي لهه چڙه ۾ رهين ٿو،
هن نماڻي دل جي هر دعا هر گُهر ۾ تون؛
هي تون خوشيون ڏور مُرجهايل مُسڪراهٽ ۾ تون.
هي تون تو کي ڪيئن وِسارجي او سِر جا سائين؛
اڃا سِج جيئان ٻري ٿو تنهنجي چپڙن مٿان تِرُ،
اڃا سنڌوءَ جيئان ڇَلڪي ٿو تنهنجي اکڙين جو جَل اڃا؛
قاضيءَ جي شاعريءَ ۾ ملي ٿو تنهنجي حسن جو اکر.
No comments:
Post a Comment