ڪراچي: بالي ووڊ جي ليجنڊ اداڪار نصير الدين شاهه چيو آهي ته نيشنل بدران ريجنل ٿيٽر جي حق ۾ آهيان، آئون اردو ۽ هندي کي هڪ ئي ٻولي سمجهان ٿو، هر ماڻهو مادري ٻولي ۾ ٿيٽر ڏسڻ پسند ڪري ٿو، اهڙن خيالن جو اظهار هن نيشنل اڪيڊمي آف پرفارمنگ آرٽس (ناپا) پاران منعقد ڪيل عالمي ٿيٽر فيسٽول جي ورڪشاپ دوران پنهنجي خطاب ۽ صحافين، يونيورسٽي، ڪاليجن ۽ اسڪولن جي ٿيٽر سان لاڳاپيل شاگردن جي سوالن جا جواب ڏيندي ڪيو، هن چيو ته 100 سال گذرڻ جي باوجود به بالي ووڊ فلم انڊسٽري اتي ئي بيٺي آهي جتي پهرين هئي، ڇو جو انڊسٽري ”شيڪسپيئر“ جي لکيل ڊرامن مان ٻاهر نڪري ئي نه سگهي آهي، ڇو جو فلم جي ڪهاڻي جو بنياد شيڪسپيئر آهي ڇو جو ان جي ڊرامن ۾ لو اسٽوريز ڇوڪري کي ڇوڪرو بڻائڻ ۽ ڊبل رول، ان جي ڪهاڻين تي فوڪس آهن، هن چيو ته منهنجي سيريل ”مرزا غالب“ جڏهن ٽيليڪاسٽ ٿي هئي ته ان جي ناظرين ۾ ويوئرس شپ لڳ ڀڳ ”ٻڙي“ جي برابر هئي، ان کي ان وقت صرف ان خاص ۽ محدود طبقي ڏٺو جنم جو ادب سان تعلق هو، يا وري جن مرزا غالب کي ڏٺو هو، پر جڏهن دنيا ميڊيا ذريعي گلوبل وليج بڻي اها سيريل جڏهن نيٽ تي يا سي ڊيز تي آئي ته پوءِ خبر پئي ته اها ڪيتري مقبول هئي، گلزار صاحب جي جيڪڏهن اهڙي 12 قسطن جي ٻيهر سيريل ٺاهيندو ته ان کي ”دور درشن“ سميت ڪو چئنل نشر ڪرڻ لاءِ تيار نه ٿيندو، ڇو جو هيءَ هن وقت اهو ئي سيريل هلندو جيڪو شروع ٿئي ته ختم نه ٿئي، يا وري ان جون 100 يا 1000 کان مٿي قسطون هجن، هن چيو ته اسڪرپٽ به خراب ۽ بُرو لکيل هوندو ته ايڪٽر به سٺو ڪم نه ڪري سگهندو ۽ ان جو ڪم به خراب لڳندو، پوءِ اهو ڀلي آئون نصير الدين شاهه هجان يا وري دليپ ڪمار يا اميتاب بچن هجي، انهن ۾ ڪم به خراب ۽ برو تصور ڪيو ويندو، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جيڪڏهن پاڪستان جي اداڪار سبحاني بايونس هتي جي سيريل ”مرزا غالب“ ۾ مون کان وڌيڪ بهتر رول ڪيو هوندو، اهوته اهو ئي ٻڌائي سگهن ٿا، جن اهو سيريل ڏٺو هوندو، پر ايترو ضرور چوندس ته جيڪو ”مرزا غالب“ جو مون ڪردار ادا ڪيو هو، ان جو اسڪرپٽ ايترو ته سٺو لکيل هو، اهو رول ڪو به اداڪار ادا ڪري ها ان ڪردار کي سٺو ادا ڪري ها، هن چيو ته هندستاني ٻولي ۾ ٿيٽر ڊرامو تمام گهٽ لکيو ويو آهي، مون هندستاني زبان ان ڪري چيو آهي ته آئون اردو ۽ هندي کي هڪ ئي ٻولي سمجهان ٿو، ننڍپڻ ۾ ڪلاس روم ۾ آخر ۾ ويهندو هوس، اردو ۾ مون منٽو، آغا حشر ۽ آپا عصمت کي پڙهيو آهي، حَقيقت اها آهي ته ٿيٽر جو ڪو مستقبل ناهي، هر ماڻهو کي پنهنجو مستقبل پاڻ ٺاهڻو پوندو آهي، ممبئي ۾ 100 کان وڌيڪ ٿيٽرز آهن جن مان صرف پنج ڪم ڪري رهيا آهن. هن چيو ته اهو الزام غلط آهي ته مون سنجيده آرٽسٽڪ ڪردار ڪري ڇڏي ڏنا آهن ۽ ڪمرشل فلمن ۾ ڪم ڪري رهيو آهيان.
No comments:
Post a Comment