مون کي اڄ به جون 1991ع جو هو ڏينهن ياد آهي جڏهن منهنجي اياز سان پهريون دفعو فون تي ڳالهه ٿي هئي. هو “هٿين گل ميهندي” ۾ منهنجو ساٿي اداڪار هو، ڳالهه ته اسڪرپٽ تان شروع ٿي پر فون تي گفتگو ختم ٿيڻ تائين منهنجي ۽ اياز جي هن دوستي جو بنياد پئجي چڪو هو جيڪا اڄ تائين قائم آهي، اها ساٿي اداڪار هجڻ کان ماوارا هئي ۽ ان جو بنيادي ڪارڻ اسان جو ادب، سياست، تقريرن، جرنلزم کان وٺي سفرناما لکڻ جي مشترڪه عادتن جو هو.
مان جيڪا جيجي زرينه بلوچ جا اسڪول، ڪاليج ۾ لوڪ گيت ڳائيندي ۽ پليجي صاحب جون انقلابي تقريرون ٻڌنڌي وڏي ٿيس، ان جي لاءِ هنن جي پٽ سان ڳالهائڻ، ٽي وي اداڪاره هجڻ جي باوجود هڪ “معتبر” ڳالهه جي برابر هو. هي اهو زمانو هو جڏهن ڇوڪرو ۽ ڇوڪري جو رڳو هڪ ٻئي کي سلام ڪرڻ ئي چار ماڻهن جي ڪچهري جو موضوع بڻجي ويندو هو..... بابا ۽ امان شروع ۾ ته پادر هنيا پر جڏهن ڏٺن ته اهي سچ پچ رڳو دوست آهن ته ڳالهه ختم ٿي ويئي.
فون تي سنجيده سياست تي تبادلو پر ٽي وي شوٽ تي اسان جون مستيون ٻارن وانگر جاري رهيون. اياز کي شايد ياد نه هجي پر مونکي چڱي طرح ياد آهي ته جڏهن منهنجو ڪنوار جو ميڪ اپ پئي ٿيو ته هو ميڪ اپ روم ۾ اچي بيٺو ۽ چيائين “هل ڀڻيان... اهو ايترو ميڪ اپ اٿئي جو ايتري سهڻي پئي لڳين، مان ته سمجهيو هو ته سچ پچ سهڻي هونديئن....”
ايئن مان رڙيون ڪرڻ شروع ٿي ويس ته هن کي ميڪ اپ روم مان ڪڍندا ته مان ميڪ اپ ڪرائيندس نه ته ڪونه ڪرائيندس، هو بيٺو کلندو رهيو ۽ مان رڙيون ڪندي رهيس، ان وقت اقبال انصاري ۽ مرحومه آنٽي للِي رضا اسان جي صُلح ڪرائي، ائين هن مونکي ڪنٽين تي ڪڙهي کارائڻ جي صلاح به ڪئي جيڪو مون “وري ڪڏهن” جو چئي ٽاري ڇڏي ( ۽ اها اڄ تائين وري نه آئي آهي)
هي ته هڪ واقعو آهي پر منهنجي ذهن جي ڪمپيوٽر جي چِپ اهڙي ڪئين ٻين واقعن سان ڀريل آهي.
پر اهو اهڙو زمانو هو، جتي ساٿي اداڪار يا ڪليگس هجڻ جي باوجود اسان هڪ ٻئي سان ملي نه سگهياسين ڇاڪاڻ جو “ڪانسيپٽ” ئي نه هوندو هو، پر فون تي سياست، ادب ۽ اهڙا ئي ڪيئي موضوع شيئر ڪرڻ جو سلسلو منهنجي مڱڻي ٿيڻ تائين جاري رهيو. مونکي اڄ به اهو ڏينهن ياد آهي جڏهن مون هن کي پنهنجي مڱڻي جو ٻڌايو ته هو کلي کلي چريو ٿي ويو ۽ چيائين “اڙي جمي سان مڱڻو ٿيو اٿئي، هو ته سائنسدان اٿئي، پيو نيوٽن جا رول ٻڌائندئي ۽ تون ساوڻ جا گيت ڳائڻ واري چري.....ڪيئن گذارو ڪندين...” ۽ مان سچ پچ چڙي ويئي مانس ۽ پنهنجي مخصوص انداز ۾ “شابس اٿئي” چئي فون بند ڪري ڇڏيم.
شادي کان فورن پوءِ جمي CSS ڪري پوليس ۾ اچي ويو ۽ مان لاهور هلي ويس، پر جيجي زرينه ۽ اياز ٻنهي سان منهنجو رابطو قائم رهيو ۽ پوءِ صنم به اچي ويئي جيڪا منهنجي بوسنيا کان واپس اچڻ کان پوءِ منهنجي پٽ سلطان جي ٽيچر به ٿي ۽ اياز جو پٽ سرباز منهنجي ڌيءَ مشل جو ڪلاس فيلو هو.
مان اهو ڏينهن به ياد ڪري کلندي آهيان جڏهن مشل ۽ سرباز وڙهي پيا هئا مان اياز کي چيو ته ڏس اسان جا ٻار به اسان جهڙا ئي اٿئي، رڳو پيا وڙهن.
2005ع ۾ منهنجي امان سخت بيمار هئي، مان اسلام آباد ۾ ئي هئس ته انهن ئي ڏينهن ۾ جيجي زرينه گذاري ويئي، ڪوشش جي باوجود منهنجي تعزيت لاءِ وڃڻ جي همٿ نه ٿي، الاءِ ڇو جڏهن کان بابا مري ويو آ.... مان جنازن کان ايترو ڊڄندي آهيان جو امان جي گذارڻ تي به پاڪستان نه ويس، شايد جن کي پيار ڪندي آهيان هنن کي آخري دفعو ٿڌو ۽ بي جان ڏسڻ منهنجي همت کان ٻاهر آهي.
پر اياز چڙي ويو...... مون سان به ٽي سال نه ڳالهايائين پوءِ فيس بڪ جي ڪري اسان وري گڏياسين ۽ تڏهن رابطن جي انقلاب سان گڏ گڏ اسان جي زندگين ۾ به انقلاب اچي چڪو هو.
هو عملي سياست ۾ قدم رکي نامور سياستدان بڻجي چڪو آهي ۽ مون لنڊن ۾ وڪالت پاس ڪرڻ سان گڏ لکڻ جو سلسلو وري جاري ڪري ڇڏيو. فيس بڪ ۽ ٽئيٽر تي ورچوئل رابطي کان علاوه منهنجو سالن کان پوءِ فون تي ان ڏينهن رابطو ٿيو، جڏهن هو ڪراچي ۾ بزدلن جي گهيري ۾ هو ۽ سنڌ جي هڪ نياڻي غزاله بتول صديقي سنڌ جي سلامتي جي لاءِ پنهنجي جان قربان ڪري ڇڏي، گولين جي بارش ۾ هو اڳتي پئي وڌيو. هو سخت جذباتي هو چيائين ته “شمع ڏس...... ڇا پيو ٿئي...شمع لک........ سنڌ کي نه ڇڏجان، لنڊن جي لگزريز ۾ نه گم ٿجانءِ.... سنڌ جي نياڻي ٿي.”
ايئن مان لکيو وائيس آف آمريڪا تي واڪا ڪيم ۽ اڄ تائين ڪيان پئي... پر هن جي راهه سياست آهي ۽ منهنجي لکڻ جي... منزل ٻنهي جي سنڌ آهي، پر هو گرمي ۾، لوڊشيڊنگ ۾، بم ڌماڪن ۾ عوام سان گڏ رهي ٿو، هو وڪامجي سگهيو پئي، هو سمجهوتو ڪري سگهيو پئي، پر هن به پليجي صاحب وانگر ڏکي راهه جو انتخاب ڪيو. ايئن مان لنڊن ۾ قلم جي جنگ جاري رکڻ سان گڏ سائوٿ ايشيا ۾ عورتن تي ٿيل ظلم تي هيومن رائيٽس ۾ ايل ايل ايم کان پوءِ پي ايڇ ڊي جو ارادو رکان ٿي. جيئن ته چيم ته راهون بيشڪ الڳ آهن، پر منزل سنڌ آهي، سنڌ کان سواءِ اسان ڪجهه نه آهيون، بيشڪ برٽش ٿيون يا پاڪستاني پاسپورٽ رکون.
مئي 2013ع جي اليڪشن ۾ مونکي يقين هو ته هو پڪ سان کٽي ويندو، ٽوئيٽر تي ماڻهن کان پڇندي هئس ته اهي به نه صرف اياز جا ئي ووٽر نڪرندا هئا، پر کيس دل سان چاهيندا هئا... پر جڏهن نتيجو آيو ته چمتڪار ٿي چڪو هو.
اياز وري به اسيمبلي کان ٻاهر رهيو، سنڌ اسيمبلي جي محرومي پنج سالن جي لاءِ مزيد وڌي ويئي.
ٻه مهينا کن اڳ جڏهن هن لوڪل باڊيز ايڪٽ تي مهم پئي هلائي ته وري فون ڪيومانس ۽ چيو مانس ته همت نه هارجان.... تون سنڌ جو مستقبل آهين.... ۽ هڪ ڏينهن منزل ماڻيندين،
مونکي کلي چيائين “تون چري ايڏي وڏي ٿيڻ کان پوءِ به انگريزي ۾ به لک لعنت لکندي ٿي رهين ۽ جيڪو دل ۾ اچئي ٿو پئي لکين... جيڪڏهن مارجي وڃين ته...؟
مان کلي چيومانس...
“پوءِ منهنجي مرڻ کان پوءِ تون جلوس ضرور ڪڍجان....!”
۽ اسان ان کان پوءِ نه ڳالهايو آهي....!!!!
(ليکڪا مشهور ٽي وي اداڪاره ۽ هاڻ لنڊن ۾ وڪيل آهي)
No comments:
Post a Comment