Wednesday, April 2, 2014

ڀريا پوليس جسقم اڳواڻن جو قتل ڪيس ڳجهن ادارن خلاف داخل نه ڪيو، 13 اپريل تي ڌرڻي جو اعلان

نوشهرو فيروز/ڀريا سٽي/ٺاروشاهه (عوامي آواز نيوز) ڀريا سٽي پوليس جسقم اڳواڻ مقصود قريشي ۽ سلمان وڌو جو قتل ڪيس داخل نه ڪيو، جسقم پاران 13 اپريل تي ڀريا سٽي باءِ پاس تي ڌرڻي جو اعلان ڪيو آهي. پهرين اپريل تي جسقم جا هزارين ڪارڪن مرڪزي چيئرمين صنعان قريشي ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، امجد مهيسر، ڪيهر انصاري، زهيب قريشي ساگر حنيف بڙدي، عبدالله سومرو ۽ ٻيا پنهنجي شهيد ٿيل اڳواڻن مقصود قريشي ۽ سلمان وڌو جي ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ جي لاءِ پهتا ته هنن ايس ايڇ او ڀريا سٽي کي پنهنجو موقف لکت ۾ پيش ڪيو، جنهن ۾ هنن گهر ڪئي ته مقصود احمد قريشي ۽ سلمان وڌو 20 مارچ جي ڏينهن 23 مارچ تي ڪراچي ۾ لڳندڙ ڌرڻي جي لاءِ سنڌ جي مختلف شهرن جا دورا ڪندي ميهڙ کان ڪراچي ڏانهن وڃي رهيا هئا ته رات جو ٻنهي جا موبائل فون بند ٿي ويا، جنهن کان پوءِ 21 مارچ تي ڀريا روڊ لنڪ روڊ تان سڙيل لاش مليا، جڏهن اهي لاش جناح اسپتال ڪراچي مان پوسٽ ماٽم ڪرايا ويا ته خبر پئي ته ٻنهي کي گوليون هڻي قتل ڪرڻ ساڙيو ويو، ان واقعي ۾ ملوث ڳجهن ادارن آءِ ايس آءِ انچارج دادو ۽ انچارج نوشهرو فيروز ملوث آهن، جڏهن ته اهڙو عمل ورجائڻ جي لاءِ گهرو کاتو به ملوث آهي، ڇو ته بشير خان قريشي جي قتل جي ايف آءِ آر آءِ ايس آءِ ۽ گهرو کاتي خلاف داخل ڪرائڻ جي لاءِ مقصود قريشي هاءِ ڪورٽ حيدرآباد وٽ پٽيشن داخل ڪرائي هئي، جنهن کانپوءِ کيس مسلسل ڌمڪيون ملي رهيون هيون. جسقم جي قيادت کي ايس ايڇ او ڀريا سٽي اهو چئي جواب ڏئي ڇڏيو ته اسان ڪنهن به ڳجهي اداري مٿان نالي سان ايف آءِ آر نٿا ڪٽي سگهون، جنهن کان پوءِ جسقم جي مرڪزي قيادت 5 ڪلاڪن تائين ٿاڻي تي ويٺل رهيي ۽ هزارين ڪارڪن پڻ موجود رهيا، ان دوران ڊي آءِ جي سکر شرجيل کر ۽ ايس پي نوشهرو فيروز نياز چانڊيو جي بار بار رابطن تي جسقم اڳواڻن ڳالهائڻ کان انڪار ڪندي احتجاج جو اعلان ڪيو. جسقم اڳواڻن آءِ ايس آءِ گهرو کاتي ۽ آءِ ايس آءِ دادو ۽ نوشهري جي انچارجن کي ڪيس ۾ ملوث ڄاڻائڻ چاهيو پر پوليس انڪار ڪيو، ان موقعي تي صنعان قريشي ۽ نياز ڪالاڻي چيو ته هو عالمي ادارن جو به در کڙڪائيندا. هنن چيو ته 13 اپريل تي هر صورت ۾ ڌرڻو هنيو ويندو.
جسقم اڳواڻن جي شهيدن جي يادگار تي حاضري، گلن جي ورکا

ڀريا روڊ: جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي جي اڳواڻي ۾ سوين ڪارڪنن جو قافلو ڀريا روڊ ۾ جسقم اڳواڻن مقصود خان قريشي ۽ سلمان وڌو جي شهادت واري هنڌ پهتو، جتي هن شهيدن جي ياد ۾ جوڙايل يادگار تي گلن جي ورکا ڪرڻ بعد قومي جهنڊو پڻ ڦڙڪايو، ان موقعي تي سوين ڪارڪنن ڀريا سٽي پوليس خلاف جسقم اڳواڻن مقصود قريشي ۽ سلمان وڌو جي قتل جي ايف آءِ آر داخل نه ڪرڻ خلاف احتجاج ڪندي نعريبازي ڪئي. ان کان اڳ جسقم نوشهرو فيروز جي صدر علي فقير، جسقم يونٽ صدر مظهر شاهه جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن جي هڪ وڏي انگ مرڪزي اڳواڻن جو استقبال ڪيو.

No comments:

Post a Comment